نئين دهلي (م ڊ) ڀارت ۾ ڪورونا جا وار جاري آهن، لاڳيتو پنجين ڏينهن 4 لک کان وڌيڪ نوان ڪيس ۽ 4 هزار 90 ماڻهو فوت ٿيا آهن. مهاراشٽر ۾ سڀ کان وڌيڪ 864 ڄڻا فوت ۽ 53 هزار نوان ڪيس سامهون آيا، اترپرديش، دهلي، راجستان، ڇتيس ڳڙهه، گجرات ۾ به ڪيسن ۾ اضافو ٿيو آهي، اسپتالن تي بار وڌي ويو آهي ۽ آڪسيجن به نه آهي ۽ نه ئي اسپتالن ۾ مريضن لاءِ بسترا بچيا آهن قبرستانن ۽ شمشان گهاٽن ۾ به صورتحال سنگين آهي، گوا رياست ۾ پنجن ڏينهن جو لاڪ ڊائون لڳايو ويو آهي، عيد تي به ڀارت ۾ لاڪ ڊائون رهندو.