ڪراچي (اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي ۾ مُلڪ جو سڀ کان وڏو ويڪسينيشن سينٽر فنڪشنل ٿي ويو، سينٽر ۾ روزانو 25 هزار شهري ويڪسين ڪرائي سگھندا، صحت واري صوبائي وزير عذرا پيچوهو سينٽر جو افتتاح ڪري ڇڏيو، افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي صوبائي وزير عذرا پيچوهو چيو ته ويڪسين سان گڏوگڏ ويڪسينيشن سينٽر به تيزي سان وڌايا پيا وڃن. 16 مئي کان ويڪسين ڪرڻ جو سلسلو شروع ٿي ويندو، 40 سالن کان گھٽ عمر وارا شهري به ڪورونا کان بچاءُ واري ويڪسين لڳرائي سگھندا. هن چيو ته عوام ڪورونا ايس او پيز کي اهميت نه پيو ڏئي، ان ڪري ڪورونا ڪيسن جي وڌڻ جو امڪان آهي، هن چيو ته اسان وفاق کان ملندڙ ويڪسين کانسواءِ پنهنجي طور تي الڳ ويڪسين گهرائڻ لاءِ تيار آهيون، اسان چاهيون ٿا ته صوبي ۾ وڌ کان وڌ ماڻهن کي ويڪسين لڳائي وڃي. هن چيو ته هن چيو ته ايڪسپو سينٽر ۾ قائم ڪيل ويڪسينيشن سينٽر ۾ 12 رجسٽريشن ڪائونٽر، 6 بلاڪس ۽ 96 ڪيوبيڪلز ( ويڪسين لڳائڻ وارا ننڍا چيمبر) ٺاهيا ويا آهن. اهو سينٽر 24 ڪلاڪ فعال رهندو، جتي ٽنهي شفٽن ۾ هيلٿ ورڪرز ڪم ڪندا، هر شفٽ ۾ 360 هيلٿ ورڪرز پاران خدمتون سرانجام ڏنيون وينديون.