ڪورونا جا ڪيس تيزي سان وڌڻ بعد حيدرآباد جي 20 مختلف علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون

0
288

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ڪورونا جا ڪيس تيزي سان وڌڻ بعد 20 مختلف علائقن ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون، حيدرچوڪ، گاڏي کاتو ۽ کوکر پاڙي ۾ ٻئي ڏينهن به سمارٽ لاڪ ڊائون لڳل، لطيف آباد جي ربيع الاول چوڪ، يونٽ 6، يونٽ 10، برڪت ڀائي ٽائون ۽ اسماعيل ڳوٺ ۾ شهرين جي چرپر تي پابندي، قاسم آباد جي گل لطيف ڪالوني، انور ولاز، ماروي ٽائون، علمدار چوڪ، الرحمان ڪاٽيجز ۽ ٻين علائقن ڏانهن ويندڙ رستا توڙي گهٽيون سيل، جيڪب آباد انتظاميا حڪومتي هدايتن کي نظرانداز ڪري مال پڙي لڳائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي، مال پڙي ۾ بنا ماسڪ جي شهرين جي رش، سماجي وٿي وارو اصول به نظرانداز، انتظاميا جي لاپرواهي سبب شهر ۾ ڪورونا وڌڻ جو خدشو پيدا ٿي ويو آھي.