ڪنڌ ڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌ ڪوٽ ميڊيا سينٽر اڳيان ڳوٺاڻن خادم بنگوار، غلام محمد، نظر محمد، اجمل، شيردل، شير محمد ۽ ٻين روينيو کاتي جي عملدارن ۽ زرعي بينڪ جي عملدارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته ضلعي اندر سال 2010 ۽ 2012 ۾ برساتي ٻوڏ دوران غريبن جي لاءِ آيل امداد لاءِ اسان کان ورتل اڱوٺن ۽ دستخط کي غلط استعمال ڪري اسان جي نالن تي زرعي ترقياتي بينڪ مان 2014 ۾ لکين رپين جو قرض ورتو ويو آهي، جڏهن ته اسان کي رقم جي واپسي جي لاءِ مليل نوٽيس بعد خبر پئي آهي، ته اسان جي نالن تي فراڊ ذريعي لون ورتو ويو آهي، هنن چيو ته اسان سان فراڊ ڪيو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي فراڊ ڪندڙ خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.