ٺٽو (رپورٽر ) ڇتوچنڊ لڳ ڳوٺ نوح ڀٽي جو رھواسي عبدالجبار ولد امام بخش ڀٽي پنھنجي گم ٿي ويل ڀاءُ جو ڦوٽو کڻي مڪلي پھچي صحافين کي ٻڌايو تهسندس ڀاء غلام محمد عرف ڪارو ڀٽي گذريل ٽن ڏينھن کان گھران نڪري گم ٿي ويو آھي، جنھن جو گهڻي ڳولا باوجود ڏس پتو پئجي نه سگھيو آهي. ھن چيو ته سندن ڪنھن سان ڪا دشمني نه آهي. ھن پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن کي اپيل ڪئي ته سندس ڀاءُ جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي.