ڳڙھي ياسين (ن پ ا) ڳڙھي ياسين ڀرسان ڳوٺ قائم خان وڌيو ۾گند جي ڍير کي لڳل باھ مان چڻنگ اٿڻ سبب امام بخش شيخ جي واڙي کي باھ لڳي وئي جنھن سبب واڙي ۾ بيٺل 2 ڳئون، ھڪ وھڙو ۽ موٽرسائيڪل سميت ٻيو سامان سڙي رک ٿي ويو، جڏهن ته باھ واڙي ۾ لڳل باهه نثار شيخ جي گھر کي به لڳي وئي جنهن سبب پورهيتن جو گهر سڙي رک ٿي ويو، ڳوٺاڻن موجب اطلاع باوجود فائر برگيڊ گاڏي نه پهتي، جنهن سبب لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي.