ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ نيو صالح پور ۾ تار ڪرڻ سبب ڪرنٽ لڳڻ جي نتيجي ۾ 35سالن جو علي اڪبر ڪلهوڙو فوت ٿي ويو، ٻڌايو پيو وڃي ته واپڊا انتظاميا جي نااهلي سبب سالن کان ڪمزور ٿيل ڪنڊيڪٽر تار زمين ۾ ڪم ڪندڙ مٿان ڪري پئي جنهن جي نتيجي ۾ هو ٿڏي تي فوت ٿي ويو، فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.