جهڏو (ن پ ا) جهڏو ۾ ڳوٺ سرائي گاڊ جي رھواسي عورتن مسمات ارشاد ۽ سندس ڀيڻ مسمات سونا، احتجاج ڪندي چيو ته سندن والد الله بچايو سرائي جي ضلعي بدين جي تعلقي ٽنڊو باگو جي ٽن ديهن ڪپوري، سانگي ۽ متو ۾ 150 ايڪڙ زرعي زمين آهي، جيڪا مختلف مقامي زميندارن کي مقاطعي تي ڏنل هئي، والد جي وفات کان پوءِ زميندارن اسان کي سالياني مقاطعي جي رقم ڏيڻ بند ڪري ملڪيت تي قبضو ڪري ورتو آهي، هنن زمين تان قبضو ختم ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو.