سانگهڙ (رپورٽر) سانگهڙ ويجهو منگلي ٿاڻي جي حد ڳوٺ لائق جمالي ۾ ٻارڙن جي ڳالهه تان وڏن ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن دوران جمالي برادري جي ٻنهي ڌرين هڪٻئي خلاف هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 2 ڄڻا احمد نواز جمالي ۽ امير علي جمالي شديد زخمي ٿي پيا، زخمين کي سول اسپتال سانگهڙ آندو ويو، جتان کين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوابشاهه اسپتال نيو ويو، علائقي واسين ٻڌايو ته اطلاع باوجود منگلي پوليس واقعي واري هنڌ نه  پهتي، وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري آهي، جنهن سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙيل آهي، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.