ڪنزيٰ سان ڳالهراءِ، الله پٽ ڏيندئي: مداح جي صبور علي کي انوکي دعا

0
197

ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪاره صبور علي کي سندس مداح انوکي دعا ڪندي چيو آهي ته مهرباني ڪري مون کي ڪنزيٰ سان ڳالهراءِ، منهنجي دعا آهي ته الله پٽ ڏيندئي تازو هڪ مداح ڪنزيٰ هاشمي سان ڳالهائڻ لاءِ صبور علي جو سهارو ورتو

صبور علي اهڙي اسٽوري انسٽاگرام تي شيئر ڪري ڇڏي، جنهن ۾ مداح صبور علي کي مينشن ڪندي لکيو ته مهرباني ڪري ڪنزيٰ سان ڳالهراءِ، منهنجي دعا آهي ته الله توکي پٽ ڏيندو

اداڪاره پنهنجي ويجهي دوست کي سفارش ڪئي ۽ ڪنزيٰ هاشمي کي مينشن ڪندي چيو ته ڪنزيٰ هن سان ڳالهائي وٽ، مون کي پيارا ٻار گهرجن

جواب ۾ ڪنزيٰ هاشمي پنهنجي انسٽاگرام تي وڊيو شيئر ڪري مداح کي مينشن ڪيو ۽ لکيو ته راهب بجاراڻي، ڪيئن آهين؟ وري ٽهڪ ڏيندڙ ايموجي به ٺاهيو. ٻنهي اداڪارائن جي اسٽوريز جا اسڪرين شاٽس سوشل ميڊِيا پليٽ فارمن تي گردش ڪري رهيا آهن