ڪنري (ن پ ا) ڪنري شھر جي ڀٽائي ڪالوني واسڻ نبيلان زال شاھد ڀٽي عمرڪوٽ جي سيشن ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائيندي ڄاڻايو ته سندس مڙس شاھد ڀٽي ھن جي چار پٽن کي ناحق ويھاري ويٺو آھي، گھرو تڪرار سبب مان ڌار رهان ٿي ۽ ٻار منهنجي مڙس وٽ آھن جيڪي منھنجي حوالي ڪيا وڃن. عدالت جي اھڙي حڪم تي ڪنري پوليس ڪارروائي ڪندي عورت جي مڙس وٽان چار ٻارن 10 ورھين جي ذيشان، 8 ورھين جي فرحان، 5 ورھين جي عرفان ۽ 4 ورھين جي وقار کي بازياب ڪرائي ڪنري ٿاڻي تي وٺي آئي. پوليس موجب ٻارن کي اڄ ڪورٽ ۾ پيش ڪيو ويندو.