ڪراچي: سنڌ سرڪار پيپلز هاري ڪارڊ آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو

0
290

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ سرڪار پيپلز هاري ڪارڊ آڻڻ جو فيصلو ڪري ورتو، صوبائي وزير اسماعيل راهو جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت هن ڪارڊ تي هاري کي 3 ارب روپين جي سبسڊي ملندي، هارين جي رجسٽريشن ڪرڻ پيا وڃو، هڪ ارب فرٽيلائيز، هڪ ارب فيڊ، هڪ ارب ڊي اي پي تي ڏينداسين، صوبائي وزير جو چوڻ آهي ته 25 ايڪڙ واري آبادگار کي سبسڊي ملندي، سنڌ حڪومت آبادگارن کي 145 يونٽ سولر ٽيوب ويلز لڳائي ڏيندي، ٿر ۽ باراني وارن علائقن ۾ خاري پاڻي کي استعمال ڪرڻ لاءِ سبزيون لڳايون وينديون، 4 سئو ملين روپيا جنهن ۾ 80 حڪومت ۽ 20 سيڪڙو آبادگار ڏيندا.