ٽنڊوڄام (ن پ ا) ٽنڊوڄام ويجھو راھوڪي ٿاڻي جي حد ڳوٺ ريوو ڪولھي جي رھواسڻ شادي شده عورت شريمتي شوري ڪولھي 10 ڏينھن اڳ چوپائي مال لاءِ گاھ ڪرڻ وئي جتان پراسرار طور گم ٿي وئي. انھي حوالي سان عورت جي مڙس چيتن ۽ پيءُ نانجي ڪڇي چيو آھي ته شوري ڪولهي پنھنجي چاچيءَ سان گڏ چوپائي مال جو گاھ ڪرڻ وئي جنھن بعد گھر ناھي موٽي. اسان آسپاس جي سڀني علائقن ۾ ڳولا ڪئي آھي پر گم ٿيل عورت جو ڪٿي به پتو نه پئجي سگھيو آھي. ھنن چيو ته اسان کي شڪ آھي ته ناري کي نامعلوم ماڻھو ڪار ۾ اغوا ڪري ويا آھن. ھنن پوليس کي اپيل ڪئي ته ناري جي ڳولا ۾ سندس مدد ڪئي وڃي.