مورو (ن پ ا) سنڌ ۾ زراعت جي شعبي کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ مختلف فصلن جون نيون جنسون پوکڻ سميت پوکي جي جديد طريقن کي متعارف ڪرائڻ جي حوالي سان ڪوششون ڪندڙ سنڌ جي ناليواري زميندار عاقب خان جتوئي پاران پاڪستان زراعت تحقيقاتي ڪائونسل (پي اي آر سي) برانج ٺٽو جي سهڪار سان مورو ويجھو سونھري فارم ھائوس تي اک وسيلي ڪمند جي پوکي ڪرڻ واري جديد طريقي کي متعارف ڪرائڻ لاءِ سنڌ سطح تي سيمينار ڪوٺايو ويو جنھن ۾ زرعي ماھر، آبادگار اڳواڻن ۽ سوين ننڍن وڏن آبادگارن ھارين توڙي زرعي شعبي سان تعلق رکندڙ آفيسرن ۽ ملازمن پڻ شرڪت ڪئي، سيمينار جي ميزبان زميندار عاقب خان جتوئي خطاب ڪندي چيو ته دنيا اندر ڏينھون ڏينھن ڪمند جي پوکي جا جديد طريقا استعمال ٿي رھيا آھن پر اسان وٽ عام رواجي پوکي واري طريقي تي انحصار آھي، ان موقعي تي پي اي آر سي جي ڊائريڪٽر جنرل عطاءُ الله خان چيو ته ھن طريقي جي پوکي سان آبادگار جو خرچ تمام گھٽجي ٿو ۽ فصل جي سڙڻ ۽ ضايع ٿيڻ جو به انديشو ناھي، ھن وڌيڪ چيو ته عام رواجي طريقي سان جتي ھڪ ايڪڙ جي پوکي ۾ 100 مڻ ٻج جو استعمال ٿئي ٿو اتي ھن جديد طريقي سان فقط 15 مڻ في ايڪڙ تي ٻج جو استعمال ٿيندو جيڪو آبادگارن لاءِ وڌيڪ فائديمند آھي، ان موقعي تي زرعي ماھر ڊاڪٽر عبدالفتاح سومرو ڳالھائيندي چيو ته گھٽ خرچ ۽ گھٽ وقت جي نسبت سان ھي اک وارو پوکي جو جديد طريقو وڌيڪ اُپت ڏيندڙ آھي. ھن چيو ته نرسري ذريعي تيار ٿيندڙ ٻج ھر طرح جي بيماري ۽ ملاوٽ کان پڻ پاڪ آھي ۽ سنڌ جي آبادگار کي اھڙي عمل تي اعتبار ڪري ڪمند جي وڌ کان وڌ پوکي ڪرڻ گھرجي، آبادگار اڳواڻ سيد نديم شاھ چيو ته سرڪاري سطح تي سنڌ جي زراعت ۽ آبادگار جي مالڪي نه ٿيڻ ڪري سنڌ جو زرعي شعبو ويھجي ويو آھي ۽ آبادگار قرضي بڻجي ويو آھي، آبادگارن کي گھرجي ته سرڪار تي ڀاڙڻ بجاءِ پنھنجي فصل جي پيداوار وڌائڻ لاءِ نه رڳو محنت ڪن پر جديد ٽيڪنالوجي جو به استعمال ڪن جنھن سان کين لاڀ حاصل ٿيندو.