ڪڙيوگهنور (ن پ ا) ڪڙيوگهنور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سارين جو فصل لهڻ شرط ئي واپارين هڪ هٽي قائم ڪري ورتي، سارين جو اگهه گهٽ هئڻ ۽ ڪٽوتي خلاف آبادگارن جاکرو نوحاڻي، غلام حسين مهيري، غلام رسول، گوهر نظاماڻي، ڌڻي بخش نوحاڻي، عظيم راهمون، اسماعيل مهيري، مير محمد نظاماڻي، هميرو مل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، سخت نعري بازي، ان موقعي تي آبادگارن چيوته حڪومت سارين جو اگهه مقرر نه ڪيو آهي، جنهن سبب واپاري پنهنجا من پسند اگھه مقرر ڪري ڇڏيا آهن، واپاري سارين جو في مڻ 1300 کان به گهٽ خريد ڪري رهيا آهن ۽ في مڻ تي 4 کان 5 ڪلو ڪٽوتي به ڪري رهيا آهن، هنن چيو ته نقصان ٿي رهيو آهي، نوٽيس وٺي سارين جو اگھه 1800 مقرر ڪري ڪٽوتي بند ڪرائي وڃي.