ڪشمور ۾ ارڙي جا ھاڃا جاري، چار ڏينهن ۾ 3 ٻارڙا فوت

0
210

ڪشمور(ن پ ا) ڪشمور ۾ ارڙي جا ھاڃا جاري، چار ڏينهن اندر 2 ٻارڙا ھڪ ٻارڙي فوت ٿي وئي، جڏهن ته ڪيترائي ٻارڙا ڳڻتي واري حالت ۾ به يارو مددگار پنهنجي گهرن ۾پيل آهن، ڪشمور جي ڪچي جي مختلف ڳوٺن گاجي مڙل ۾ 3 سالن جو اميد علي ۽ 2 سالن جو مقصد علي مڙل ٿي ويا، جڏهن ته ڳوٺ عيسو خان ڪوش واسي ڏيڍ سالن جي ٻارڙي بينظير ڪوش به ارڙي وگهي فوت ٿي وئي، ڊي ايڇ او ڪشمور جو چوڻ آهي ته متاثر ڳوٺن ۾ ارڙي جي بچاءُ لاءِ ويڪسين ڪئي پئي وڃي، ٻھراڙي جي علائقن ۾ ارڙي جا ڪيس ظاهر ٿي رهيا آهن ٽيمون موڪلي رهيا آهيون.