ضرورت پئي ته ٿرڪول بلاڪ ون کي بند ڪنداسين:حڪومتي ڪميٽي طرفان ايس ايس پي ٿرپارڪر کي هٽائڻ کان معذرت

0
722

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ ۾ دودو ڀيل واقعي بابت جوڙيل حڪومتي ڪميٽي چيو آھي تھ ٿرڪول بلاڪ ون جي انتظاميا خلاف تمام گهڻيون شڪايتون آيون، انتظاميا کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪريون ٿا، ضرورت پئي ته بلاڪ ون ۾ ڪم بند ڪرائي ڇڏينداسين، دودو ڀيل واقعي بابت حڪومتي ڪميٽي طرفان پورهيت جي وارثن ۽ مظاهرين خلاف دهشتگردي جا ڪيس ختم ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو آھي، دودو ڀيل ڪيس ۾ ڪاشف ڪمانڊر سوڌو ٻين جوابدارن کي ڪيفرِڪردار تائين پچائڻ جو واعدو، دودو ڀيل جي وارثن ۽ ٻين متاثرن سان ملاقات بعد صوبائي وزير امتياز شيخ چيو آهي ته ڊي آءِ جي حيدرآباد، ڪمشنر ميرپور خاص ۽ ٻين سان ملاقاتن بعد رپورٽ وڏي وزير حوالي ڪئي ويندي، ڪميٽي مسئلي جي حل لاءِ سفارشون به پيش ڪندي، صحافين سان پوليس جي غيرمناسب رويي تي معذرت ڪريون ٿا، ايس ايس پي ٿرپارڪر کان به پڇاڻو ڪنداسين، ڪميٽي دودو ڀيل ۽ صحافين طرفان ايس ايس پي ٿرپارڪر کي هٽائڻ وارو مطالبو مڃڻ کان معذرت ڪري ڇڏي آھي.