مٽياري: ڀيڻ ڀاءُ قتل ڪيس: مُک جوابدار جسماني ريمانڊ تي پولي حوالي

0
251

مٽياري (ن پ ا) اڏيرولال ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان قتل ٿي ويل ڀاءُ ڀيڻ وارو معاملو، قتل ۾ ڪيس نامزد مک جوابدار کي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، اڏيرو اسٽيشن پوليس جوابدار جاڙو کي سول جج ٿري جي عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد جوابدار کي وڌيڪ ٽن ڏينهن جي جسماني رماند تي پوليس حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ياد رهي ته جوابدار سڱ نه ڏيڻ تان مسمات حرمت سندس ڀاءُ ارباب کي گوليون هڻي قتل ڪيو هو، جنهن ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪري ورتو هو.