ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ويجھو ڊکڻ بنگلو وٽان پارڪو ڪمپني جي پائيپ لائين مان ڪروڙين رپين جي ماليت جو ھزارين ليٽر تيل چوري ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، پارڪو عملدارن ۽ پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي. خبر موجب ڪشمور پوليس ڳجهي اطلاع تي انڊس هاءِ وي ڀرسان ريلوي ٽريڪ ھيٺان زمين ۾ پوريل جوائنٽ پائيپ ھٿ ڪري ورتو، جيڪو پارڪو ڪمپني جي مين پائيپ لائين ۾ فٽ ٿيل ھو، جتان ڪروڙين رپين جي ماليت جو ھزارين ليٽر تيل چوري ٿي رهيو هو، پوليس پارڪو ڪمپني جي اختيارين جي نگراني ۾ وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي، جڏهن ته ڪا به گرفتاي عمل ۾ اچي نه سگهي آهي.