غوثپور (ن پ ا) غوثپور پوليس شادي جي بهاني ايندڙ ڪي پي جي نوشهره واسي کي جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، پوليس موجب اڌڙوٽ شخص افضل پٺاڻ عورتاڻي آواز تي هرکجي غوثپور جي بي ايس فيڊر واري علائقي ۾ پهتو، جنهن جو نمبر ٽريس ٿيڻ تي بروقت ڪاروائي ڪري کيس ڪچي طرف وڃڻ کان روڪي اغوا ٿيڻ کان بچايو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته تيغاڻي گينگ جي ڏوهارين افضل پٺاڻ کي سڱ ڏئي شادي ڪرائڻ بهاني گهرائي اغوا ڪرڻ جو منصوبو جوڙيو هو، جنهن کي اڳواٽ اطلاع ڏئي بچايو ويو.