مٺي: پ پ اڳواڻ ايم اين اي ڊاڪٽر مھيش ڪمار ملاڻي چيو آھي ته ٿرڪول ۾ ڪم ڪندڙ پورهيت دودو ڀيل جو نجي سڪيورٽي اهلڪارن جي تشدد ۾ فوتگي وارو واقعو انتهائي افسوسناڪ ۽ دل ڏکائيندڙ آھي. دودو ڀيل جي وارثن کي يقين ڏياريو آھي ته سندس خون سان انصاف ڪيو ويندو ۽ ملوث جوابدارن کي قانون جي ڪٽھڙي ۾ آندو ويندو جوابدارن عبوري ضمانت ڪرائي آھي جيڪا ڪوشش وٺي رد ڪرائي کين هر صورت ۾ گرفتار ڪري دودو ڀيل جي خون سان انصاف ڪيو ويندو. هوڏانهن پ پ پ ضلعي ٿرپارڪر جي انفارميشن سيڪريٽري ڪامريڊ نندلال مالهي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته دودي ڀيل جو خون ڪڏهن به رائيگان نه ويندو ۽ خون لوڙهڻ جي اجازت هرگز ڪنهن کي به نه ڏينداسين.