ڪشمور: ڪشمور ۾ 3 ڏينهن اڳ ميراڻي پاڙي جي رھواسي 9 سالن جي ٻارڙي سڌير ميراڻي کي روڊ تي اڇلائي ماريندڙ جوابدار ذوالفقار ميراڻي ۽ سندس ڀاءُ ارشاد ميراڻي کي ڪشمور پوليس گرفتار ڪري مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. جوابدار ذوالفقار ميراڻي راند کيڏندڙ ٻارڙي کي کڻي پٽ تي اڇلايو ھو جنھن بعد نينگر سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت سکر نيو ويو هو جتان راڻيپور گمبٽ جي اسپتال ۾ نينگر زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو هو. جوابدار طرفان نينگر کي روڊ تي اڇلائڻ واري واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيجز سامھون اچڻ بعد ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ جوابدار کي گرفتار ڪري مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ڪشمور پوليس مک جوابدار سميت ڀاءُ کي گرفتار ڪري مٿان ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.