ڪراچي (م.ڊ) آفريڪي ملڪ چاڊ 30 سالن کان اقتدار ۾ رهندڙ صدر باغين سان ويڙهه دوران مارجي ويو. چاڊ جو صدر ادريس ڊيبي ساحل ڪائونٽي ۾ اڳين مورچن تان باغين خلاف وڙھندي ماريو ويو. چاڊ جي فوج هڪ بيان چيو ته 68 سالن جو صدر باغين سان ويڙهه ۾ سخت زخمي ٿي پيو هو، صدر ڊيبي جي 37 سالن جي پٽ فور اسٽار جنرل محمد ادريس کي فوجي ڪائونسل جو سربراهه نامزد ڪيو ويو آهي. صدر ادريس ڊيبي جي موت کانپوءِ ، فوج پارليامينٽ کي ٽوڙي 18 مهينن ۾ چونڊون ڪرائڻ جو پڻ اعلان ڪيو آهي. ياد رهي ته ادريس ڊيبي 1990 ۾ فوجي بغاوت کانپوءِ اقتدار ۾ آيو هو ۽ گذريل ڏينهن ڇهون ڀيرو ملڪ جو صدر چونڊجي ويو هو.