ڪشمور ضلعو سال 2023ع ۾ بدترين بدامني جي لپيٽ ۾ رهيو، 1000 کان وڌيڪ ماڻهو اغوا ۽ 9 ايس ايس پي تبديل ٿيا

0
110

ڪنڌڪوٽ (رپورٽ عمران علي کوسو) ڪنڌڪوٽ ڪشمور ضلعو 2023 ع سال بدامني جي لپيٽ ۾ رهيو، ضلعي جي مختلف شهرن مان لوڪل 300 کان وڌيڪ شهري اغوا ٿيا

جڏهن ته پوري ملڪ مان 700 کان وڌيڪ ماڻهو عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪچي پهتا جن کان ڌاڙيلن پاران لکين روپيا ڀنگ پڻ طلب ڪيو، ذريعن پڻ اها ڄاڻ ڏني ته مغوين جي وارثن چڱن مڙسن ۽ پوليس ذريعي ڌاڙيلن سان ڊيل ڪري کين پئسا ڏئي مغوين کي ڀنگ عيوض ڌاڙيلن جي قيد مان ڇڏرايو، ذريعن پڻ اها دعويٰ ڪئي اڪثر اغوا وارداتون پوليس پاڻ ئي ڪرائي ٿي، مغوي کي ڌاڙيلن وٽ پهچائيندڙ اي ايس آءِ پڻ ظاهر ٿيو، جنهن وٽان هڪ مغوي آزاد ٿيو هو

ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ نه صرف مرد پر ڪراچي جون ٽڪ ٽاڪر به پروگرامن جي لالچن ۽ اڳواٽ پئسا ملڻ بعد آساني سان ڌاڙيلن پاران انهن کي هدف پڻ بڻايو. جڏهن ته ڪيتريون ئي عورتون شادي بهاني پڻ ڌاڙيلن هٿان اغوا ٿينديون رهيون آهن. جڏهن پوليس پاران جاگيراڻي گينگ، سبزوئي گينگ، ڀيو گينگ، تيغاڻي گينگ کي عورتاڻي آواز ۾ مردن کي هرکائي اغوا ڪرڻ جو منصوبو جوڙيندا رهيا آهن.ضلعي جي بدترين بدامني تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ضلعي 8 ايس ايس پيز ناڪام رهيا جڏهن ته 9 ايس ايس پي 2023 سال جي آخري ڏهاڙن ۾ چارج سنڀالي

2023 سال ۾ مختلف ايس ايس پيز امجد شيخ، زبير نظير شيخ، ذيشان شفيق صديقي، عرفان سمون،شبير سيٺار، عرفان سمون، روحيل کوسو،بشير احمد بروهي مقرر ٿيا،ياد رهي ته 2023 ۾ سال ۾ رهندڙ ايس ايس پيز مان ساڳين ايس ايس پيز عرفان سمون ۽ امجد شيخ کي 2-2 ڀيرا 2023 سال ۾ مقرر ٿيا پر ڪوبه ٻوٽو هنن نه ٻاريو جڏهن ته ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ مان امجد شيخ 2020 جي آخري مهينن ۾ ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ مقرر ٿيو

اهڙي ئي نموني عرفان سمون کي سکر هيرو ڪرايو هو، جڏهن هو ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ سال 2023 ۾ مقرر ٿيو هن نڀاڳي ضلعي عرفان سمون کي به هيرو مان زيرو ڪري ڇڏيو ۽ عرفان سمون به ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني اغوا وارداتن کي ڪنٽرول نه ڪري سگهيو ۽ نيٺ بدلي ٿي ٻيهر سکر پهتو هو

جڏهن ته اڳوڻي پ پ حڪومت سميت نگران سيٽ اپ ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ ايس ايس پيز تبديل ڪندا رهيا پر ڪوبه ايس ايس پي ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ امن و امان ڪرائڻ ۾ ڪامياب نه ٿيو ۽ نگران سيٽ اپ پڻ 2023 سال جي آخري ڏهاڙن ۾ ايس ايس پي روحيل کوسو کي بدلي ڪري سندس نئو ايس ايس پي بشير احمد بروهي مقرر ڪري ڇڏيو

ڪشمور ضلعي ۾ اڃا به 8 ڄڻا ڌاڙيلن وٽ قيد

ڪنڌڪوٽ: ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ هن وقت به 8 مغوي زاهد حسين، رياض حسين، رفيق احمد، خليل احمد، عبدالوحيد، محمد ثمير، غلام رسول، منصور احمد ڌاڙيلن وٽ قيد آهن

ايس ايس پي بشير احمد بروهي جي مقرري کي 3 ڏينهن گذرڻ باوجود مغوين جي بازيابي توڙي امن بحال ڪرائڻ لاءِ ڪو به اڃا تائين آپريشن ناهي ڪيو ويو. ايس ايس پي بشير احمد بروهي پوري ضلعي جي ايس ايڇ اوز ۽ ڊي ايس پيز کي پنهنجي آفيس گهرائي هنن سان ميٽنگ پڻ ڪئي ۽ ضلعي ۾ امن و امان جي بحالي لاءِ پوليس کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ ۽ فرضن ۾ ڪوتاهي ڪندڙ پوليس عملدارن کي سختي سان هدايتون جاري ڪيون

نئو مقرر ٿيندڙ ايس ايس پي بشير احمد بروهي جو چوڻ هو ته ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ اڳ به ايس ايس پي طور ذميواريون نڀايون آهن هاڻ به موقعو مليو آهي اڳ ۾ به ڪيترن ئي ڌاڙيل ٽولن گينگز کي بسٽ ڪيو ۽ هاڻ به جيڪي به مغوي مونکان اڳ ۾ ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهن انهن سڀني کي باحفاظت طريقي سان بازياب ڪرائي ڌاڙيل ٽولن جو خاتمو آڻبو