ڪنڌڪوٽ: ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ هن وقت به 8 مغوي زاهد حسين، رياض حسين، رفيق احمد، خليل احمد، عبدالوحيد، محمد ثمير، غلام رسول، منصور احمد ڌاڙيلن وٽ قيد آهن. ايس ايس پي بشير احمد بروهي جي مقرري کي 3 ڏينهن گذرڻ باوجود مغوين جي بازيابي توڙي امن بحال ڪرائڻ لاءِ ڪو به اڃا تائين آپريشن ناهي ڪيو ويو. ايس ايس پي بشير احمد بروهي پوري ضلعي جي ايس ايڇ اوز ۽ ڊي ايس پيز کي پنهنجي آفيس گهرائي هنن سان ميٽنگ پڻ ڪئي ۽ ضلعي ۾ امن و امان جي بحالي لاءِ پوليس کي ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ ۽ فرضن ۾ ڪوتاهي ڪندڙ پوليس عملدارن کي سختي سان هدايتون جاري ڪيون.نئو مقرر ٿيندڙ ايس ايس پي بشير احمد بروهي جو چوڻ هو ته ضلعي ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ اڳ به ايس ايس پي طور ذميواريون نڀايون آهن هاڻ به موقعو مليو آهي اڳ ۾ به ڪيترن ئي ڌاڙيل ٽولن گينگز کي بسٽ ڪيو ۽ هاڻ به جيڪي به مغوي مونکان اڳ ۾ ڌاڙيلن جي قيد ۾ آهن انهن سڀني کي باحفاظت طريقي سان بازياب ڪرائي ڌاڙيل ٽولن جو خاتمو آڻبو.