ڪرمپور (رپورٽ: سيف الله بجاراڻي) ڪرمپور ڀرسان پارڪو پائيپ لائين جو چوڪيدار اغوا، ٽن ضلعن جي پوليس پاران واقعي کان لاتعلقي ظاهر، وارثن جو ڌرڻو، انڊس هاءِ وي 4 ڪلاڪ بند، خبر موجب ڳوٺ مارک بجاراڻي مان نامعلوم هٿياربند پارڪو پائيپ لائين جي چوڪيدار عبدالحفيظ بجاراڻي کي اغوا ڪري ويا، مغوي جي ڀاءُ نثار احمد بجاراڻي ٻڌايو ته صبح جو سحري لاءِ چوڪيدار کي ننڊ مان اٿارڻ وياسين ته بسترو خالي پيل هو، جڏهن ته واقعي واري هنڌ هٿياربندن جون ٽوپيون ۽ چپل پيل هئا، جنهن مان لڳي ٿو ته چوڪيدار مزاحمت ڪئي آهي. وارثن پاران پوليس کي اطلاع ڏنو ويو پر واقعي کان ٽن ضلعن جي پوليس لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي، بعد ۾ ٺل، ڪرمپور ۽ ناپرڪوٽ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي جاءِ واردات ڏسڻ بعد واپس رواني ٿي وئي، جڏهن ته ٽنهي ٿاڻن جي پوليس حدبندي جو تڪرار ڄاڻائي ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، هوڏانهن مغوي جي وارثن ضمير بجاراڻي، نثار احمد ۽ فيض محمد بجاراڻي جي اڳواڻي ۾ ڪرمپور لاڙي وٽ ٽائرن کي باهه ڏئي ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري 4 ڪلاڪ انڊس هاءِ وي تي ٽريفڪ معطل ٿي وئي ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ٻئي طرف ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو صوبائي وزير شبير بجاراڻي سان رابطو ڪري ڪيس داخل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جنهن بعد ڌرڻو ختم ڪيو ويو. علائقي جي سياسي سماجي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته پوليس پاران ڏوهارين سان چڱن مڙسن معرفت ڊيل ڪرڻ سبب اغوا جا واقعا وڌي رهيا آهن، جنهن سبب علائقي ۾ سخت خوف واري صورتحال آهي.