پنوعاقل (ن پ ا) پنوعاقل جي بائجي ٿاڻي جي حد مان ڪلوڙ برادريءَ جي اغوا ٿيل ٻن مغوي نوجوانن نورالاھي ڪلوڙ ۽ فراز ڪلوڙ جي بازيابي لاءِ ھڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آھي، پھرين رمضان جي ڏينهن ڳوٺ حسين ڪلوڙ واسي ٻن نوجوانن نورالاھي ڪلوڙ ۽ فراز ڪلوڙ کي پنوعاقل شھر ايندي ڌاڙيل اغوا ڪري کڻي ويا ھئا، جن جي موٽرسائيڪل ٻي ڏينهن دياگير چوڪي وٽان ھٿ ڪئي وئي هئي، ان حوالي سان ذريعن دعويٰ ڪئي آھي ته ڌاڙيلن پاران نوجوانن جي بازيابيءَ لاءِ وارثن کان ھڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪئي وئي آهي، ڌاڙيلن نوجوانن جي نمبرن تان وارثن سان ڳالھه ڪرائي ھڪ ڪروڙ رپيا ڀنگ طلب ڪئي، پوليس ذريعن موجب ڪال لوڪيشن مان خبر پئي آھي ته نوجوان ڪرمپور جي ڪچي ۾ آھن، ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آھي ته نوجوانن جي بازيابيءَ لاءِ ڪوششون ڪريون پيا.