ڪرمپور: ٿاڻي تي عدالتي ڇاپو، باندي بڻايل افتخار بجاراڻي آزاد نه ٿي سگهيو

0
495

ڪرمپور ) ن پ ا ) ٿاڻي تي عدالتي ڇاپي دوران باندي بڻايل افتخار بجاراڻي آزاد نه ٿي سگهيو، ڳوٺاڻي سميع الله بجاراڻي جي درخواست تي سول جج تنگواڻي منور علي پيرزادو ڇاپو هنيو، گرفتار ٿيل افتخار بجاراڻي مٿان ڪيس داخل هجڻ سبب آزاد نه ٿي سگهيو، ڪرمپور پوليس موجب گرفتار جوابدار مٿان سندس ئي سئوٽ جي فرياد تي جهيڙي جو ڪيس داخل ٿيل آهي جنهن سبب گرفتار ڪيو ويو هو، سول جج پاران سڀاڻي جمعي ڏينهن جوابدار کي رڪارڊ سميت عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.