آءِ جي سنڌ متعصب آهي، هٽايو وڃي: گورنر سنڌ جو مطالبو

0
320

اسلام آباد: گورنر سنڌ ، وزير اعظم کان آءِ جي سنڌ کي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي گورنر سنڌ جو چوڻ آهي ته قومپرست اڳواڻن کي ڏنگي ۽ بنڊاڙ ٻيٽن جي معاملي تي اعتماد ۾ نه وٺڻ غلطي هئي. هاڻ ٻيٽن واري معاملي تي قومپرستن سان مشاورت ڪري کين اعتماد ۾ وٺنداسين، هن چيو ته پنجاب ۾ ته راوي منصوبي تي ڪم اڳتي ٿيو آهي پر سنڌ ۾ ٻيٽن جي معاملي تي ڪا اڳڀرائي ناهي ٿي. گورنر چيو ته آءِ جي سنڌ متعصب آهي، اسان جي هڪ اڳواڻ تي ڍنڍ جي تصوير ڪڍڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ڇا تصوير ڪڍڻ تي به ڪيس داخل ٿيندو آهي؟