ڪراچي ۾ ڦورو معذور موذن کان ڦرڪيل موبائل واپس اماڻي ڇڏيو

0
332

ڪراچي(دلچسپ نيوز) ڪراچي ۾ ڦورو دوکي سان معذور موذن کان ڦرڪيل موبائل واپس اماڻي ڇڏيو

گلشن اقبال واري علائقي مان ڏسڻ جي سگهه کان محروم  امجد نالي موذن کان ڦورو دوکي سان موبائل ڦر ڪيو، ڦورو آن لائن ايپ مان 35 هزار به ڪڍرائي ورتا، موءَ ذن امجد حڪومت کي اپيل ڪئي ته کيس موبائل ۽ ڪڍرايل رقم واپس ڏياري وڃي

رات دير سان امجد کي هڪ بائيڪ رائيڊر ذريعي موبائل واپس ملي ويو. چيو پيو وڃي ته ڦورو رات دير سان بائيڪ رائيڊر بڪ ڪرايو ۽ قيمتي موبائل سندس حوالي ڪري امجد نالي شخص کي ڄاڻايل ايڊريس تي پهچائڻ جو چيو

 ان حوالي سان بائيڪ رائيڊر جو چوڻ آهي ته مونکي پهرين ته حيرت ٿي ته ايترو مهانگو موبائل بائيڪ رائيڊر حوالي ڪيرڪري سگهي ٿو؟ جڏهن ڄاڻايل ايڊريس تي پهچي مون موبائل واپس ڪيو ته معاملي جي ڄاڻ پئي، هن چيو ته مون کي اندازو ٿيو ته موبائل معذور شخص جو هو انڪري واپس ڪيو ويو

هي به پڙهندا

سنڌ ۾ بدامني جي باهه، مختلف شهرن ۾ مظاهرا، ڌرڻا، عادلپور ۾ شٽربند هڙتال