سنڌ ۾ بدامني جي باهه، مختلف شهرن ۾ مظاهرا، ڌرڻا، عادلپور ۾ شٽربند هڙتال

0
164
سنڌ ۾ بدامني جي باهه، مختلف شهرن ۾ مظاهرا، ڌرڻا، عادلپور ۾ شٽربند هڙتال
سنڌ ۾ بدامني جي باهه، مختلف شهرن ۾ مظاهرا، ڌرڻا، عادلپور ۾ شٽربند هڙتال

ڪراچي (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ بدامني جي باهه ٻري پئي، مختلف شهرن ۾ ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، ڌار ڌار ڌرڻا هنيا ويا، پوليس مختلف شهرن مان اغوا ٿيلن کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي، مغوين جي گهرن ۾ قهرام متل آهي

غوثپور ويجھو اغوا ٿيل 4 ڄڻن جي بازيابيءَ لاءِ انڊس هاءِ وي جي ٻن هنڌن تي ڌار ڌار ڌرڻا، هڪڙو ڌرڻو غوثپور جي ڳڙهي لاڙي وٽ ۽ ٻيو ڌرڻو ڪنڌڪوٽ جي ٻيڙي چوڪ باءِ پاس وٽ لڳل، ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪيو ويو، سنڌ ۽ پنجاب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ معطل ٿي وئي

 مظاهرين جو چوڻ آهي ته پوليس خدا بخش ٽانوري، فقير الله ڏنو ٽانوري، نور الدين بهلڪاڻي ۽ سڄڻ ميراڻي کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪو به قدم نه پئي کڻي، مغوين کي فوري طور بازياب ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي

ڇور ويجهو قتل ٿيل ڌنار جي وارثن پاران عمرڪوٽ ۾ لاش رکي ڌرڻو هنيو ويو، ڌنار ٽالهو پٽ امولک ڀيل جي وارثن الله والا چوڪ وٽ لاش رکي ڌرڻو هنيو

مظاهرين جو چوڻ آهي ته ڇور جي ڳوٺ حويلي ۾ مال جي واڙي ۾ سُتل ٽالهو ڀيل کي قتل ڪيو ويو، قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو

عادلپور ۾ بدامني خلاف هندو پنچائت ۽ شهري اتحاد جي سڏ تي شٽربند هڙتال ڪئي وئي، شهري خانپور مهر روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا

هندو پنچائت جي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته هٿياربندن پاران ٻن هندو واپارين کان ڦرلٽ ڪرڻ بعد کين اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، مزاحمت تي واپارين کي تشدد جو نشانو بڻايو ويو

مظاهرين جو چوڻ آهي ته بدامني سبب شهرين ۾ خوف پکڙيل آهي، ڏوهن جو خاتمو آڻي امن بحال ڪرن جو مطالبو ڪيو ويو آهي

ريتي ويجهو پوليس پاران ماروالا روڊ تي مقابلي دوران جوابدارغلارسول پتافي کي مارڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته هٿياربندن سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران 3 جوابدار فرار ٿي ويا

مارجي ويل جوابدارغلام رسول پتافي جي وارثن پوليس جي دعويٰ کي ڪوڙو قرار ڏئي ڇڏيو آهي، غلام رسول پتافي جي وارثن جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت ميرپورماٿيلو ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ويو

مظاهرين جو چوڻ آهي ته پوليس سومر ڏينهن غلام رسول کي کنڀي گم ڪرڻ بعد جڙتو مقابلي ۾ قتل ڪيو آهي، پوليس غلام رسول جو لاش گم ڪري ڇڏيو آهي، لاش وٺڻ لاءِ ويل ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا به پوليس وٽ آهن

هي به پڙهندا

لاڙڪاڻي ڀرسان گهرو اڻبڻت تان نوجوان گهران سڏي قتل

ڳڙهي خيري ۾ جوابدار طرفان سالي کي قتل ڪرڻ بعد آپگهات جي ڪوشش