پاڻي پوري وڪڻندڙ يشا جيسوال آءِ پي ايل جو هيرو بڻجي ويو

0
249
پاڻي پوري وڪڻندڙ يشا جيسوال آءِ پي ايل جو هيرو بڻجي ويو
پاڻي پوري وڪڻندڙ يشا جيسوال آءِ پي ايل جو هيرو بڻجي ويو

ممبئي(اسپورٽس نيوز) پاڻي پوري وڪڻندڙ يشا سوري جيسوال غربت جي ميدان مان نڪري آءِ پي ايل جو هيرو بڻجي ويو آهي

 ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ موجب اترپرديش ۾ خيمي ۾ رهندڙ يشا سوري جيسوال آءِ پي ايل جي هڪ ميچ ۾ 62 بالن تي 124 رنز ٺاهي سڀني جي نگاهن جو مرڪز بڻجي ويو آهي

آءِ پي ايل ۾ لاڳيتو 3 سيزن ناڪامي بعد 2023 واري سيزن سندس لاءِ خوش قسمت بڻجي وئي آهي ڇاڪاڻ ته سندس ڪارڪردگي گذريل ٽن سيزن جي ڀيٽ ۾ بهتر رهي آهي

 يشا سوري جيسوال انتهائي غربت واري زندگي گذاري رهيو هو کيس پيٽ جي بک اجهائڻ لاءِ پاڻي پوري وڪرو ڪرڻي پئجي وئي هئي پر ڪرڪيٽ جو شوق برقرار رهيو اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ ڪوچ جوالا سنگهه کيس ڪرڪيٽ کيڏندي ڏسي ورتو ۽ غربت جي ميدان مان ڪڍي آيو

 جيسوال ممبئي طرفان فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ شروع ڪئي ۽ پنهنجي پهرين ئي ميچ ۾ سينچري اسڪور ڪري ورتي جنهن بعد 2019 ۾ راجسٿان رائلز سندس خدمتون 3 لک 38 هزار ڊالرز ۾ خريد ڪيون