ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي شهر ۾ هيوي ٽريفڪ جو مسئلو 15 سالن کان حل نه ٿي سگهيو، 2007 جي عدالتي حڪم تي عملدرآمد نه ڪرڻ تي پوليس ۽ سنڌ حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي جسٽس نديم اختر چيو ته شهر ۾ داخل ٿيندڙ هيوي ٽريفڪ دهشتگردي کان وڌيڪ خطرناڪ آهي، وڏن ٽريفڪ حادثن ۾ فوتگين جو تعداد تمام گهڻو آهي، شهر ۾ هيوي ٽريفڪ کي روڪڻ واري حڪم تي عمل نه ڪرڻ تي آءِ جي سنڌ کي طلب ڪيو ويندو، عدالت چيو ته گڊز ٽرانسپورٽ ۽ هيوي ٽريفڪ سڄو ڏينهن شهر ۾ داخل ٿئي ٿي، لڳي ٿو ته هن شهر ۾ پوليس ناهي، جڏهن ته عدالت 27 آگسٽ 2007 تي هيوي ٽريفڪ کي شهر ۾ داخلا تي روڪڻ جو حڪم ڏنو هو، ان موقعي تي سرڪاري وڪيل ڳالهائيندي چيو ته جلد عدالتي حڪم تي عمل ڪيو ويندو، جنهن تي جسٽس نديم اختر سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو اسان جي اکين ۾ مٽي نه وجهو، هتي موجود سڀ ماڻهو ۽ جج سڀ ڪجهه سمجهن ٿا، ايس ايس پي ٽريفڪ چيو ته انشاءَ الله جلد عدالتي حڪم تي عمل ڪيو ويندو، جسٽس نديم اختر چيو ته انشاءَ الله کان سواءِ به گهڻو ڪجه ڪرڻ جي ضرورت آهي، جسٽس نديم اختر عدالتي حڪمن تي مڪينزم بڻائڻ جو حڪم ڏيندي 8 ڊسمبر تي ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي گهرائي ورتو.