ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) مڪاني ادارن واري سيڪريٽري ۽ لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي سيڪريٽري وچ ۾ اختلاف، مڪاني ادارن واري سيڪريٽري نجم شاھ لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي سيڪريٽري ضمير عباسي کي عهدي تان هٽرائي ڇڏيو، ضمير عباسي کي سروسز کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم، نوروز عباسي سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ بورڊ مقرر، نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهن. ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب ته مڪاني ادارن واري کاتي جي ماتحت اداري لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي سيڪريٽري ضميري عباسي  پاران مڪاني ادارن واري سيڪريٽري نجم شاھ جي هدايتن باوجود يوسي سيڪريٽرين، ايڊمنسٽريٽرن ۽ ٻئي عملي جون ڌڙا ڌڙ بدليون ۽ مقررريون نه روڪڻ تي ڪالهه مڪاني ادارن واري سيڪريٽري نجم شاھ پاران لوڪل گورنمينٽ بورڊ جي سيڪريٽري ضمير عباسي کي عهدي تان هٽرائي ڇڏيو آهي، ڄاڻ موجب ته ڪافي عرصي کان نجم شاھ ۽ ضمير عباسي  وچ ۾ اختيارن تان جنگ هلندڙ هئي جنهن بعد مڪاني ادارن واري سيڪريٽري نجم شاھ پاران ضمير عباسي کي سختي سان هدايت ڪئي هئي ته بغير اجازت بدليون ۽ مقرريون نه ڪيون وڃن پر ان باوجود ضمير عباسي روزانو درجنين بدليون ۽ مقرريون ڪرڻ جا نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ کان پووءِ مڪاني ادارن واري سيڪريٽري نجم شاھ چيف سيڪريٽڙي سهيل راجپوت ۽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ناصر شاھ وٽ شڪايت ڪئي جنهن بعد ضمير عباسي کي عهدي تان هٽائي رپورٽ ڪرڻ جو حڪم ڪيو ويو آهي. سنڌ حڪومت پاران ضمير عباسي کي عهدي تان هٽائڻ کان پوءِ 18هين گريڊ جي آفيسر نوروز عباسي کي سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ بورڊ مقرر ڪيو ويو آهي. جنهن جو لاڳاپيل اختيارين پاران نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي.