ڪراچي(اسٽاف رپورٽر )ڪراچي ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ 19هين گريڊ جي آفيسر تي ڪيئي سالن کان اختياريون مهربان، سيڪريٽري ڪي ڊي اي واري عهدي تان ڪرپشن الزامن هيٺ هٽايل 19هين گريڊ جي شمس الدين صديقي کي سينيئر ڊائريڪٽر لينڊ مقرر ڪري کيس ڊائريڪٽر چارجڊ پارڪنگ جي اضافي ذميواري سان نوازيوو ويو آهي. ان حوالي سان ڪي ڊي اي  جي ڊائريڪٽر جنرل محمد علي شاھ پاران 19هين گريڊ جي آفيسر شمس الدين صديقي کي ڪجهه هفتا اڳ ڪرپشن جي الزام هيٺ هٽائي ڇڏيو هو، جنهن بعد مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ناصر شاھ پاران شمس الدين صديقي کي ٻيهر اهم عهدي تي مقرر ڪري کيس اضافي چارج سان به نوازي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته سرجاني ٽائون ۾ سرڪاري زمين جي هيراڦيري معاملي تي انڪوائري ڪرڻ بعد شمس صديقي تي رپورٽ دٻائڻ جو به الزام آهي.