ڪراچي ۾ هٿياربندن هٿان هڪ ڄڻو قتل، ٻيو زخمي

0
417
ڪراچي: اورنگي ٽائون

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي مڇر ڪالوني ۾هٿياربندن جي فائرنگ ۾هڪ ڄڻو مارجي ويو جڏهن ته هڪ زخمي ٿي پيو آهي، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل شخص جي 30 ورهين جي مهروز خان ولد رحمان جي نالي سان سڃاڻپ ڪئي وئي، فائرنگ جي نتيجي ۾ 25 ورهين جو ذاڪر زخمي ٿي پيو، مقتول جو لاش ۽ زخمي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن، وڌيڪ جاچ جاري آهي.