نوابشاهه: نانگ ڪکيل ڳوٺاڻو ويڪسين نه ملڻ سبب تڙپي تڙپي فوت

0
215

نوابشاهه (ن پ ا) نوابشاهه جي پي ايم سي اسپتال ۾نانگ ڪکيل ڳوٺاڻو ويڪسين نه ملڻ سبب تڙپي تڙپي فوت ٿي ويو، ڳوٺ حبيب الله ڪرد جي رهواسي 35 ورهين جو عبدالوحيد بروهي کي نانگ ڪکي وڌو،ڳوٺاڻي کي وارث نازڪ حالت پي ايم يو اسپتال کڻائي آيا جتي ويڪسين نه ملڻ سبب هن تڙپي تڙپي دم ڏئي ڇڏيو، پي ايم سي اسپتال ۾ نانگ جي ڪکڻ جي ويڪسين اڻلڀ آهي، جنهن سبب ڪيترائي ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا آهن، فوتي ڳوٺاڻي جي وارثن ويڪسين نه ملڻ تي اسپتال انتظاميا خلاف احتجاج ڪندي ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.