شڪارپور: مقتول شنڪر لعل جو 5 جوابدارن خلاف دھشتگردي جو ڪيس داخل

0
268

شڪارپور  (ن پ ا) شڪارپور ۾ قتل ٿيل شنڪر لعل جو 5 جوابدارن خلاف دھشتگردي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، 3 ڏينهن اڳ شڪارپور شھر جي اناج منڊي واري علائقي ۾ گوپانگ برادري جي ھٿياربندن حملو ڪري واپاري شنڪر لعل کي قتل ڪيو ھو، رات دير سان اسٽورٽ گنج ٿاڻي تي مقتول جي ڀاءُ ڪشور ڪمار جي فرياد تي 5 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو، جوابدار عبدالحق عرف دودو، احمد خان ۽ عاشق، عبدالرزاق گوپانگ، 2 نامعلوم جوابدارن خلاف دھشتگردي ايڪٽ جا قلم لڳائي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.