اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل بابر افتخار ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد لاءِ مقرر ٿيندڙ فوج پاران انٽرنل سيڪيورٽي الائونس نه وٺڻ ۽ سمورن صوبن جي ايپيڪس ڪاميٽين جو اجلاس هر هفتي ڪوٺائي وڌيڪ شرح وارن علائقن جو جائزو وٺي حڪمت عملي ٺاهڻ جو اعلان ڪيو آهي. پاڪ فوج جي ترجمان چيو آهي ته حيدرآباد، ڪراچي سميت ملڪ جي 16 شهرن ۾ ڪورونا جي مثبت شرح انتهائي وڌيڪ آهي، انهن 16 شهرن ۾ پاڪ فوج مقرر ڪئي وئي آهي، ملڪ جي 51 شهرن ۾ ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي شرح 5 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، هر ضلعي ۾ پاڪ فوج جا جوان سول ادارن جي مدد لاءِ پهچي چڪا آهن، ڊويزن جي سطح تي ٽيمن جي سربراهي بريگيڊيئر رينڪ جا آفيسر ۽ ضلعي سطح تي ليفٽيننٽ ڪرنل جي سربراهي ۾ پاڪ فوج جا سربراهه سول انتظاميا جي مدد لاءِ پهچي ويا آهن. فوجي ترجمان پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت ڪوورنا جي ٽئين لهر جاري آهي، جيڪا پهرين ٻنهي لهرن کان وڌيڪ خطرناڪ ثابت ٿي رهي آهي، سڄي دنيا خاص طور تي اسان جو ان وبا سبب شديد متاثر ٿي رهيا آهيون، وبا ۾ شدت ۽ تيز ڦهلاءَ سبب فوتگين ۾ به تيزي سان اضافو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ڪورونا سبب شديد متاثر مريضن جي تعداد ۾ به بي پناهه اضافي ٿيڻ سبب صحت جو ڍانچو شديد دٻاءَ جو شڪار آهي، فوجي ترجمان چيو ته ملڪ اندر هن وقت آڪسيجن جي مجموعي پيداوار جو 75 سيڪڙو کان وڌيڪ آڪسيجن صحت جي شعبي لاءِ آهي، ڪورونا جي صورتحال ايئن برقرار رهي ته صنعتن لاءِ مختص ڪيل آڪسيجن به صحت شعبي لاءِ وقف ڪرڻي پئجي سگهي ٿي، پاڪستان ۾ هن وقت ڪوورنا متاثر 90 هزار فعال ڪيس موجود آهن، ڪوورنا مثبت شرح خطرناڪ حد تائين وڌي وئي آهي، ملڪ اندر 51 شهرن ۾ ڪورونا جي مثبت شرح 5 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي، جڏهن ته اسلام آباد، پشاور، مردان، نوشهره، چارسده، صوابي، راولپنڊي، لاهور، فيصل آباد، ملتان، بهاولپور، گجرانوالا، سنڌ صوبي ۾ ڪراچي، حيدرآباد، بلوچستان ۾ ڪوئيٽا ۽ آزاد ڪشمير ۾ مظفر آباد اهي شهر آهن جتي ڪورونا جي مثبت شرح انتهائي وڌيڪ آهي، انهن 16 شهرن ۾ پاڪ فوج مقرر ڪئي وئي آهي، 23 اپريل تي ڪوورنا سبب هن وقت تائين ٿيل فوتگين مان وڌيڪ فوتگيون ٿيون، جن جو تعداد 157 آهي، ملڪ ۾ 570 ماڻهو وينٽيليٽر تي آهن، 4300 ڪورونا متاثرن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، ملڪ جي ڪجهه شهرن جي اسپتالن ۾ وينٽيليٽر 90 سيڪڙو استعمال هيٺ اچي ويا آهن، 26 فيبروري 2020ع کان اڄ تائين پاڪستان ۾ ڪورونا سبب 17187 ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن، هن چيو ته هن وقت دنيا ۾ ڪورونا سبب فوتگي جي شرح 2.12 سيڪڙو آهي پر پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو دنيا جي مقابلي ۾ ڪورونا سبب فوتگي جي شرح وڌي 2.16 سيڪڙو تي پهچي وئي آهي، هن چيو ته 23 اپريل تي ڪورونا بابت قومي رابطا ڪاميٽي جي وزيراعظم جي صدارت ۾ ٿيل اجلاس ۾ آرمي چيف به موجود هو، تمام اسٽيڪ هولڊرن جي مشاورت سان ڪورونا تي ضابطو آڻڻ لاءِ ڪجهه اهم فيصلا ڪيا، هن چيو ته پاڪ فوج کي آئين جي آرٽيڪل 245 تحت سول ادارن جي مدد لاءِ طلب ڪيو ويو آهي، عوام جو اعتماد پاڪ فوج جو اثاثو آهي، آزمائش جي هن گهڙي ۾ پاڪ فوج پنهنجون سموريون صلاحيتون استعمال ڪندي عوام جي صحت ۽ حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کڻندي، ملڪ جي هر ڪنڊ ۾ پهچي عوام جي حفاظت کي يقيني بڻائينداسين، هن چيو ته ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد ۽ امن امان جي بنيادي ذميواري سول ادارن جي آهي، پاڪ فوج ايمرجنسي ريسپانڊر جي طور تي وبا جي ڦهلاءَ کي روڪڻ لاءِ سول ادارن جي ڀرپور معاونت ڪندي، هن چيو ته پاڪ فوج ان مقرري دوران گذريل ڀيري وانگر ڪنهن قسم جي انٽرنل سيڪيورٽي الائونس نه وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، تمام صوبائي ايپيڪس ڪاميٽين جا هر هفتي اجلاس ٿيندا، جن ۾ مجموعي صورتحال خاص طور تي ڪوورنا جي وڌيڪ مثبت شرح وارن علائقن جو جائزو ورتو ويندو ۽ حڪمت عملي طئي ڪئي ويندي، هن چيو ته ڪورونا ايس او پيز تي عمل ڪري اسان هن وبا کان محفوظ رهي سگهون ٿا، گهرن، مسجدن ۽ سمورن هنڌن تي حفاظتي تدبيرن تي عمل ڪري هڪ ٻئي جي مدد به ڪري سگهون ٿا، قوم جي حيثيت ۾ اسان کي پهريان کان به وڌيڪ احتياط ڪرڻو آهي.