ڪراچي ڪمپني ۾ چوري يا ڦرلٽ ناهي ٿي، دهشتگردن فائرنگ ڪئي: شيخ رشيد

0
450
حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ

ڪراچي(م ڊ) گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته ڪراچي ڪمپني ۾ گذريل رات ڪا به چوري يا ڦرلٽ ناهي ٿي، دهشتگردن فائرنگ ڪئي

گذريل رات ڪراچي ڪمپني ويجهو پوليس چيڪ پوسٽ تي فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ۽ 2 زخمي ٿي پيا هئا، شهيد اهلڪار منور جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ گهرو وزير شيخ رشيد به شرڪت ڪئي

ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته ڪراچي ڪمپني ۾ ڪالهه ڪا به چوري يا ڦرلٽ ناهي ٿي، دهشتگردن فائرنگ ڪئي آهي پر ٻنهي جوابدارن تائين پهچي ويا آهيون، جوابدارن جي موٽر سائيڪل سان انهن کي ٽريس ڪيو ويندو

گهرو وزير چيو ته هي هلندڙ سال جو پهريون واقعو آهي جنهن هڪ قسم جو اشارو ڏنو آهي ته اسلام آباد ۾ دهشتگردي جا واقعا شروع ٿي ويا آهن، اسان کي تمام گهڻو هوشيار رهڻ جي ضرورت آهي

هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جون سموريون فورسز ملڪ جي سلامتي لاءِ جانيون قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن