ڪراچي: بند پيل آءِ ڊيز کولڻ تي سيڪشن آفيسر کي عهدي تان هٽايو ويو

0
159
ڪراچي: بند پيل آءِ ڊيز

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي تعليم کاتي ۾ مختلف انڪوائرين هيٺ آيل ملازمن جون بند پيل آءِ ڊيز کولڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن حوالي سان سيڪريٽري تعليم لاڳاپيل سيڪشن آفيسر کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو

تعليم کاتي ۾ سيڪشن آفيسر جي 2 حاڪم انڙ پاران مختلف ضلعن جي استادن ۽ ٻين ملازمن جون بند پيل آءِ ڊيز اختيارين کان اجازت وٺڻ جي بغير کوليون ويون هيون

تعليم کاتي جي سيڪريٽري پاران سيڪشن آفيسر جي 2 حاڪم انڙ کي عهدي تان هٽائي ڇڏيو ، سيڪشن آفيسر سيڪنڊري 2 غفار سومرو کي سيڪشن آفيسر جي 2 جي اضافي چارج سونپي وئي آهي

سيڪريٽري تعليم پاران سيڪشن آفيسر کي هٽائڻ بابت نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي