سينيٽ ۾ رٽائرڊ فوجين جي نادرا ۾ ڀرتين بابت سوال، حڪومتي ميمبرز ۽ وزير ڪاوڙجي پيا

0
389
نادرا ۾ 11 سئو 9 ملازمن جو
نادرا ۾ 11 سئو 9 ملازمن جو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ ۾ رٽائرڊ فوجين جي نادرا ۾ ڀرتين بابت سوال حڪومتي ميمبرز ۽ وزير ڪاوڙجي پيا، سينيٽر مشتاق غني چيو ته نادرا ۾ آرمڊ فورسز جي رٽائرڊ ملازمن کي ڀرتي ڪرڻ بابت سوال پُڇيو هو، حڪومت جواب ڇو نٿي ڏئي

 مملڪتي وزير علي محمد خان چيو ته هٿياربند فورسز سرحدن جو دفاع ڪنديون آهن، اُنهن سان ايڏي نفرت ڇو آهي؟ سينيٽر رضا رباني چيو ته اسان هٿياربند فورسز خلاف نه آهيون، پر سول اداران جي ملٽرائيزيشن قبول ناهي

علي محمد خان چيو ته جيڪڏهن ڪير 25 سال سرحدن تي گولي کائڻ لاءِ تيار آهي ته ڇا اُن جو حق ناهي، سول ملٽري جي فرق ۽ نفرت جون ڳالهيون نه ڪيون وڃن، ڇا مري ۾ پاڪ فوج ماڻهن کي ريسڪيو نه ڪيو؟ قائد ايوان شهزاد وسيم چيو ته ملٽري ملٽري جو رٽو ڇو لڳايو اٿوَ، ڇا فوج پاڪستان جي ناهي