ڪراچي: ڪلفٽن ۾ سونار جي دڪان مان 10 کان 12 ڪلو سونا زيور چوري

0
319
سون 234000 رپين جي تاريخي اگهه تي پهتو: ڊالر 289.5 رپيا ٿي ويو
سون 234000 رپين جي تاريخي اگهه تي پهتو: ڊالر 289.5 رپيا ٿي ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪلفٽن ۾ چور سونار جي دڪان جو صفايو ڪري ويا، پوليس موجب واردات جو ڪيس ڪلفٽن ٿاڻي ۾ دڪان جي مالڪ محمد آصف جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آھي، فريادي موجب 3 مئي تي افطار کان اڳ پنھنجو دڪان بند ڪري گھر ھليو ويو ھيس، گذريل ڏينھن جڏھن دڪان تي پھتس تھ دڪان جا چار تالا ٽُٽل ھئا، دڪاندار موجب دڪان ۾ موجود 10 کان 12 ڪلو جي لڳ ڀڳ سونا زيور چوري ڪيا ويا آھن. مارڪيٽ ۾ اچڻ جو ھڪ ئي دروازو آھي، در تي تالا لڳل ھئا، 4 چوڪيدار موجود ھوندا آھن.