خوشاب: صحت مرڪز پولنگ اسٽيشن ۾ تبديل، ووٽنگ دوران ٻار جي پيدائش

0
239

خوشاب (ڊيسڪ رپورٽ) خوشاب جي ننڍي چونڊ ۾ صحت مرڪز کي پولنگ اسٽيشن ۾ تبديل ڪيو ويو، خوشاب ۾ واقعھ صحت مرڪز کي پولنگ اسٽيشن نمبر 81 ۾ تبديل ڪيو ويو، جتي ووٽرز پنھنجا ووٽ ڪاسٽ ڪري رھيا آھن، صحت مرڪز ۾ جتي ووٽرز پنھنجا ووٽ ڪاسٽ ڪري رھيا آھن ان دوران ليبر روم ۾ بھ ڪم جاري آھي، جتي ھڪ عورت پنھنجي ٻار کي جنم ڏنو آھي، تازي ڄاول ٻار جي والد ٻڌايو تھ ھُن جو پھريون ٻار آھي، خوشي آھي تھ اليڪشن جي ڏينھن پيدا ٿيو آھي، ٻار جو نالو سوچي رھيا آھيون.