ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ معصوم ٻارڙيءِ سان زيادتي، جوابدار جي گھر جو گھيراءَ، ڀڃڊاهه فائرنگ، پوليس تي پٿرن ۽ ڏنڊن سان حملو، 4 اهلڪار زخمي، علائقو جنگ جو ميدان بڻجي پيو، اهلڪارن جوابدار کي پڪڙي ورتو، ٻارڙي اسپتال داخل، ان ڏس ۾ گذريل ڏينهن عيسيٰ نگري جي گهٽي نمبر 6 ۾ جوابدار 6 ورهين جي معصوم ٻارڙيءِ سان مبينه طور زيادتي ڪئي، اهڙي اطلاع تي سوين علائقي واسي گڏ ٿي ويا، نشاندهي ٿيڻ بعد مڇريل ماڻهن جوابدار جي گھر تي حملو ڪري ڀڃڊاهه ڪئي، مددگار پوليس جي پهچڻ تي مڇريل ماڻهن پوليس تي حملو ڪري ڏنو، پٿر ۽ ڏنڊا لڳڻ ڪري 4 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، موٽ ۾ پوليس فائرنگ ڪري ڏني، جنهن بعد مڇريل ماڻهو شاهه سلمان روڊ تي پهتا ته ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ايس ايس پي موجب جوابدار محمد عامر کي گرفتار ڪيو ويو، جيڪو متاثر ٿيل ٻارڙيءِ جو پاڙيسري آهي. ٻارڙي جي والد اسلم موجب ٻارڙي جوابدار جي ڀيڻ وٽ ٽيوشن پڙهڻ ويندي هئي، جتي جوابدار ساڻس زيادتي ڪئي. ايس ايس پي موجب متاثر نينگري کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته جوابدار کي ٿاڻي منتقل ڪيو ويو آهي.