تيز هوائن مان ٺهندڙ بجلي ۽ سنڌ!

0
297
سنڌ،-شاهراهون-۽-عبرتناڪ-سانحا

دنيا ۾ بجلي ٺاهڻ جا ڪيترائي تجربا ڪامياب ويا آهن، تن مان هڪڙو تيز هوائن مان بجلي ٺاهڻ پڻ آهي! هوائن ۾ تيزي ۽ گهٽتائي جو سبب اسان جي ماحول ۾ موجوده داٻ  آهي. هوا مان بجلي ٺاهڻ واري عمل۾ استعمال ٿيندڙ مشين پکي نما  ٽربائين آهي جيڪا اليڪٽروميگنيٽڪ جنريٽر سان ڳنڍيل آهي. اها ٽربائين اسان جي ماحول مان هوا کي روڪي، وري مشين ۾ لڳل  پرن (Blades) جي  گولائي  ڦيري واري حرڪت سان حرڪي توانائي ۾ آڻي ٿو ۽  جنريٽر جي مدد سان  بجلي ۾ تبديل ڪري ٿي! تيز هوائن جي لاءِ به خاص ماحول گهربل هوندو آهي. هوا جو دٻاءُ الڳ الڳ زميني مٿاڇري وارين بيهڪن، موسمن ۽ وڻڪاري وارن علائقن جي حساب سان الڳ الڳ هوندو آهي. نسبتن ٻين علائقن کان سامونڊي ڪنارن ، ساحلي پٽين  ۽ ڍنڍن جي ڪنارن تي هوائون تيز هونديون آهن. جڏهن ته وڏيون عمارتون، جبل ۽ گهاٽا ٻيلا هوا جي رفتار ۾ گهٽتائي جو سبب بڻبا آهن!  دنيا ۾ ايستائين توانائي ڏيندڙ ٽيڪنالاجين مان هي واحد ٽيڪنالاجي آهي جنهن ۾ هن ڌرتي ۽ ڌرتي وارن جو جيئڻ جنجال ڪندڙ گئسون گهٽ خارج ٿين ٿيون. سائنسدانن جي راءِ پٽاندڙ ڀلي ڳالهه اها آهي ته انهي عمل جي ڪري ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ٻُڙي سيڪڙو خارج ٿئي  ٿي مطلب ته بلڪل به نه! پاڻي جو استعمال به نٿو ٿئي. رپيئرنگ وارو خرچو به ايترو ناهي پر نسبتن چون ٿا ٻين کان ٿوري مهانگي آهي ٽربائين ۽ مشينري ٿوري مهانگي پوي ٿي! هڪڙي ڳالهه واضح رهي ته انهي ٽربائين جي ڪري انهي علائقي ۾ پکين جي موت جي شرح وڌي آهي. انهن بجلي ٺاهيندڙ پکي نما مشين جي پرن ۾ لڳڻ جي ڪري پکي مري ويندا آهن. انهي ڪري جيڪي ناياب پکي آهن انهن جي نسلن کي وڏو نقصان رسي سگهي ٿو.
دنيا جي ٻين انيڪ ملڪن انهي تجربي جو فائدو وٺندي بجلي ٺاهڻ وارو عمل شروع ڪري ڏنو آهي. اسان جي پياري پاڪستان ۾ پڻ انهي طريقي سان بجلي جا پلانت لڳايا ويا آهن. سنڌ جي ڪينجهر ڍنڍ واري پاسي  ۽ نوري آباد  واري پاسي اهي پکا لڳل آهن. جيڪي  مقامي صحافين ۽ پلانٽ تي ڪم ڪندڙ نوجوانن جي انگ اکرن پٽاندڙ لڳ ڀڳ 1200 ميگاواٽ بجلي ڏيئي رهيا آهن پر سنڌ لاءِ، “انڌي لهاٽيو ۽ ڪُتي چٽيو” واري ڪار آهي! بجلي ايتري تيار ڪري ڏيون پر علائقي جي ماڻهن کي هڪ ڏياٽي به نصيب نٿي ٿئي. جي گئس، پيٽرول، ڪوئلو هجي يا هوا ۽ پاڻي ، ڪهڙو به قدرتي وسيلو هجي انهي کي هتان کوٽيو ڪڍيو کايو وڃن، سنڌين لاءِ “ساڳيو ساڳ ۽ ساڳي ماني”!
هڪ ته اهڙن معاملن تي قانونسازي صحيح  طريقي سان ٿي ئي ناهي پر جيڪا ٿيل آهي انهي تي به عمل نٿو ٿئي! مون تازو انهي علائقي کي گهمي ڏٺو آهي. هتي جي ماڻهن کي  هر شعبي ۾ بلڪل نظر انداز ڪيو ويو آهي. هتي جي مقامي ڪجهه نوجوان طرفان مزاحمت ڪرڻ جي ڪري، ٽيڪنيڪل سکيا ڏني ويئي، انهي سکيا دوران انهن سان رويا خراب رکيا ويا تن جي ڪري گهڻا نوجوان ڇڏي ويا هليا. باقي جيڪي بچيا انهن کي سکيا مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ملازمت جا موقعا ڪونه ڏنائون! وري مزاحمت ڪرڻ تي ڪجهه نوجوان لڳا پر انهن کي پگهار 5 کان 10 هزار ڏني ويئي. توهان سڀني کي خبر آهي ته اها پگهار اسان جي ملڪ ۾ مزدور جي سرڪار طرفان مقرر ڪيل گهٽ ۾ گهٽ پگهار جي اڌ جيتري به ناهي! ايتري ڳالهه سمجهڻ سولي آهي ته جيڪي انهن جي ئي ڪمپني طرفان سکيا يافتا نوجوان هوندا سي انهن پکن کي ضرور هلائي سگهندا هوندا! سڀ نه ته ڀلا ڪجهه ته هلائي سگهندا هوندا پر اتي 5 سيڪڙو به مقامي ماڻهو ناهن لڳن! انهي کانپوءِ جيڪا اپت ٿئي ٿي انهي جو 2 سيڪڙو ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي طور انهن کي علائقي جي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ استعمال ڪرڻو آهي اهو مقامي ماڻهن جو قانوني طور تي حق آهي، پر انهي قانون کي تارپيڊو ڪندڙ اهي ئي سرمائيدار ڪمپنيون ۽ سرڪار آهن جيڪي ٻٽ بڻيل آهن! ڪجهه ماڻهو جيڪي لڳل آهن اهي صرف تر جي وڏيرن جي سفارش تي لڳل آهن، انهن سفارشي ماڻهن جي نااهلي کي دليل بڻائي مقامي ماڻهن کي نظر انداز ڪيو پيو وڃي! عالمي ادارا يا ڪو ٻاهريون ماڻهو يا ميڊيا جو ماڻهو جڏهن به ايندو آهي تڏهن ڪمپني سرڪار انهن ماڻهن کي گهرائي رکندي آهي جيڪي انهن جا مراعت يافته هوندا آهن.  هتي عوامي ٻڌڻيون به ايئن ئي ٿينديون آهن. اتي ماڻهن کي پئسن سان گهرايو ويندو آهي، برياني کارائيندا آهن ۽ گاڏين ۾ چاڙهي واپس ڇڏيندا آهن. هڪڙي عوامي ٻڌڻي ۾ آئون ويس اتي جڏهن سوال جواب جو سيشن هليو تڏهن انهن وٽ ڪي جوڳا جواب نه هئا. انهن جو چوڻ هو ته  اسين انهي کي بهتر بڻائينداسين. ايتري قدر جو لاڳاپيل سرڪاري اداري کي آگاهي ڏيڻ کان بغير اتي ڪم پئي هليو. هڪڙي ڊپارٽمينٽ جي ڪمشنر سطح جي آفيسر چيو ته اسان کي عوامي ٻڌڻين ۾ گهرايو ئي نه ويندو آهي! هاڻي ٿورو سوچيو ته ڪنهن به پروجيڪٽ شروع ٿيڻ لاءِ پهرين ماحول جو مطالعو ڪيو ويندو آهي ۽ انهي جي رپورٽ پيش ڪرڻ وقت يا مطالعي دوران ماحوليات واري سرڪاري عملدارن جي ڪنن تائين ڳالهه ئي نه پڳل هجي ته اها رپورٽ ڪيتري ڪارآمد هوندي؟! جڏهن ته آئون يقين سان چوان ٿو ته اهڙن معاملن جي هتي پوئيواري ڪرڻ وارو نظام انتهائي سست آهي! هتي اعليٰ عدالتن جي فيصلن کي باءِ پاس ڪري ڪم کي جاري رکيو ويندو آهي! اها سڄي ڳالهه ڪرڻ جو مقصد هي آهي ته هتي ابتي گنگا وهي پيئي. ڪمپنيون اسان جا وسيلا تين وال ڪن پيون ۽ اسين ڄاڻون به ٿا ته اسان جا نمائيندا ڇو خاموش آهن! اهي بي اختيار ڪٿي ۽ ڪيئن بڻيا آهن!  گذارش صرف ايتري آهي ته انهن سڄِي ڪارستاني جي صحيح مانيٽرينگ ۽ جاچ پڙتال ٿئي. عوامي نمائيندن کي پنهنجا قسم ياد ڪرڻ کپن ۽ عوامي ملڪيتن کي عوامي مفادن وٽان استعمال ڪرڻ لاءِ ذميواري نڀائڻ کپي. سنڌ جي قوم دوست ليکارين کي پنهنجي ماڻهن جو آئين ۽ قانون مطابق مليل حقن کي حاصل ڪرڻ وارو ڪيس وڙهڻ کپي. مقامي ماڻهن کي پاڪستان جي شهري جي حيثيت ۾ آئيني حق استعمال ڪندي معلومات وٺڻ کپي ته اپت ڪيتري ٿئي پئي ۽ انهي جي رائلٽي ڪيتري آهي ۽ اها رائلٽي ڪٿي ۽ ڪيئن استعمال ٿئي پئي!  CSR جو ڪم ڪٿي ۽ ڪيئن هلي پيو انهي جي خبر وٺڻ کپي! وڏي سطح تي سنڌ ۾ ٽيڪنيڪل ادارا کولي لاڳاپيل ٽيڪنيڪل ڪورس ڪرايا وڃن ۽ انهن ئي سکيا يافته نوجوانن کي ملازمت جا موقعا ڏنا وڃن! مقامي علائقن جي بجلي واري ضرورت اپت جو تقريبن هزارئون حصو مس ٿيندي، ته پوءِ انهي بجلي جو هزارئون حصو انهي ئي علائقي کي ڏيڻ جي لاءِ قانونسازي ڪئي وڃي!  جتي ٽربائين لڳل آهن انهي سڄي علائقي ۾ ڪهڙا پکي آهن؟ انهن پکين جي گذر جو ڪهڙو مهينو آهي؟ بلڪل ايئن جيئن اسان وٽ ڪونج پکين جا ولر مخصوص مهيني ۾ لنگهندا آهن! انڊس فلاءِ وي تان پرديسي پکي ڪهڙا اچن ٿا؟ مختلف موسمي پکي مرڻ کان ڪيئن بچائي سگهجن ٿا؟ انهن پکين جي ٻئي پاسي وڃڻ واري لڏپلاڻ ڪيئن ممڪن آهي؟ انهن سوالن تي مطالعو ڪري انهي جي لاءِ جوڳا اپاءُ ورتا وڃن. اها سڄي فطرت آهي انهي جي بگاڙ جي ڪري نيٺ هن ڌرتي تي اسان کي ئي وڏا نقصان ڀوڳڻا آهن. تنهن ڪري جيترو به بگاڙ آڻيون ٿا انهن جو متبادل بهتري ڏانهن ڪجهه قدم  کڻبا ته ڪجهه صديون انسان ڌرتي تي وڌيڪ ساهه کڻي سگهندو! ۽ هن ڌرتي ڌڻين کي انهن جا حق نه ڏبا ته ڪنهن شاعر چيو آهي ، “ساک سان ٿو چوان باک ڦٽندي ضرور!”