ڪراچي:جيئي سنڌ محاذ جي چئيرمين جي گھر تي مبينا حملو

0
466

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي سچل ڳوٺ ۾ جيئي سنڌ محاذ جي چئيرمين رياض چانڊيو جي گھر تي مبينا حملو ڪيو ويو آهي، رياض چانڊيو جو چوڻ آهي ته چئن موٽر سائيڪلن تي سوار10ھٿياربندن حملو ڪيو ۽ گھٽي ۾ ماڻھن کي يرغمال بڻائي جوابدارن گاڏي جو شيشو به ڀڃي ڇڏيو ۽ ھوائي فائرنگ بھ ڪئي وئي، پوليس جي اچڻ تي ھٿياربند فرار ٿي ويا، پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي..