ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ ڏوهه روڪيا وڃن

0
199
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

ماضي تي نظر ڦيرايون يا وري حال کي ڏسون ته اهو ئي سمجهه ۾ ايندو ته اسان جي سنڌ ڌرتي، جنهن لاءِ مشهور ڪيو ويو آهي ته اها امن جي ڌرتي آهي، اتي ڪڏهن به مڪمل امن نه رهيو آهي. ڪڏهن ڌارين جون ڪاهون ته ڪڏهن وري ڌاڙيلن جا حملا اسان جي عوام جي قسمت تي ٿاڦيل رهيا آهن. ان ۾ ڪڏهن گهٽتائي ته آئي آهي پر مڪمل طور انهن جو خاتمو نه ٿي سگهيو آهي. عوام وڏي ويڌن ۾ آهي. ڪراچي کان ڪشمور تائين سموري سنڌ بدامني جي ور چڙهيل آهي پر ڪنهن حڪمران، ڪنهن پوليس آفيسر، ڪنهن ضلعي، تعلقي عملدار جي ڪن تي جونءِ به نه ٿي سري ته ڪو قدم کڻي ان عمل کي روڪين. سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي مان روز خبرون اينديون آهن ته بدامني، اسٽريٽ ڪرائم ۾ ماڻهن کان فون، روڪ رقم، گاڏيون، گهڙيون ڦر ڪيون ويون آهن. سمورا قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ پوليس جا سمورا آفيسر ان ڏوهه کي روڪڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا آهن. جڏهن ته ٻين ضلعن مان وري چوري، ڦر سان گڏ ماڻهو اغوا ڪرڻ جون خبرون اچي رهيون آهن. پنهنجي اخبار جا صفحا روز شاهديون ڏيندا آهن ته سنڌ ۾ ڪيترو امن امان قائم ٿيل آهي. هن وقت به جڏهن سڄي صوبي ۾ برساتن جو قهر آيل آهي ته به ڌاڙيلن جا وار جاري آهن. پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ٻيا ادارا ان سلسلي کي روڪڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ويا آهن. انهن علائقن ۾ ته پوليس جي حالت اها آهي ته جيڪو به شخص اغوا ٿيندو آهي ته ان جي نه رڳو وارثن سان ڳالهه ٻولهه ڪرائي ويندي آهي اها به موبائل فون تي پر ان جون وڊيوز ڀري سوشل ميڊيا تي به وائرل ڪيون وينديون آهن. ان هوندي به اهي ڏوهاري پوليس جي پڪڙ کان آجا آهن. پوليس نه ته انهن جون موبائل سمون بلاڪ ڪري سگهندي آهي ۽ نه ئي انهن جو پتو لڳائي انهن علائقن ۾ وڃي آپريشن ڪري سگهي ٿي. اهي علائقا عام ماڻهن لاءِ ته ڇا پر پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن لاءِ ئي نو گو ايرياز بڻيل آهن. انهن ڏوهارين جي علائقن ۾ ڪو به اهلڪار ساهه به کڻي نه ٿو سگهي. اتي سموري رٽ ڏوهارين جي آهي. جڏهن سمورا ادارا، سموري پوليس، سموري رياست ئي انهن علائقن ۾ ڪجهه نه ڪري سگهي ته پوءِ عوام ڪنهن جي آسري تي هلندو؟

اسان وٽ ته اهي به اطلاع آهن ته پوليس ڏوهارين کي پڪڙڻ جي قابل نه رهي آهي جو اهلڪار ڪنهن به اغوا ٿيل کي ڇڏرائڻ لاءِ ڏوهارين سان ڊيل ڪندا آهن جنهن تحت انهن ڏوهارين جا مطالبا مڃيا ويندا آهن ۽ پوءِ يرغمالين کي آزاد ڪيو ويندو آهي جيڪي وري پوليس هٿ ڪري پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري اهو اعلان ڪندي آهي ته اسان جي دٻاءُ تي ڏوهارين يرغمالين کي آزاد ڪوي. يا وري اهو رٽيل جملو ميڊيا کي ملندو آهي ته ڏوهاري يرغمالين کي هڪ جاءِ کان ٻئي هنڌ منتقل ڪري رهيا هئا ته اسان ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪئي ته ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو ۽ هو يرغمالين کي ڇڏي فرار ٿي ويا. اسان اهو نه ٿا چئون ته ڪو پوليس جي هر اهڙي دعويٰ ۾ سچائي نه هوندي آهي، ٿي سگهي ٿو ڪنهن ايڪڙ ٻيڪڙ واقعي ۾ ائين ئي ٿيندو هجي جيئن پوليس جو بيان ايندو آهي پر اهي واقعا ايترا ته ٿورا هوندا آهن جو اهڙن سچن واقعن تي به عوام کي ڪو گهڻو اعتبار نه هوندو آهي. ان ڪري اسان چاهيون ٿا ته پوليس پنهنجي ساک بحال ڪري ۽ ڏوهن کي روڪي ۽ ڏوهارين کي پڪڙي ته جيئن عوام سک جو ساهه کڻ سگهي.