ڇا اسان کي گذريل برساتن کان سبق نه پرائڻ کپي؟

0
269
رهجي ويل ڪجهه ڳالهيون

  البرٽ آئن اسٽائن جرمني جو اهو مشهور سائنسدان هو، جنهن جي فارمولا E=M جي بنياد تي ايٽم بم ٺاهيو ويو ۽ آمريڪا اهو بم جاپان تي استعمال ڪيو. پهرين هيروشاما 6 آگسٽ 1945ع تي ۽ تنهن کانپوءِ ناگاساڪي تي 9 آگسٽ 1945ع تي، جنهن ڪري اتي وڏي تباهي آئي ۽ اڃا اتي جي ماڻهن تي انهن بمن جا اثر ظاهر ٿي رهيا آهن ۽ 6 آگسٽ جو ڏينهن هر سال اهو ياد ڪري ورجائن ٿا. هي سائنسدان پنهنجي Theory of Relativity لاءِ مشهور ٿيو. اها ايڏي وڏي حسابداني آهي (Mathematics) جيڪا چڱن ڀلن حسابدانن کي به سمجهه ۾ نٿي اچي. پر جڏهن ڪو ماڻهو مشهور ٿيندو آهي ته هر ڪو چاهيندو آهي ته انهي کي ٻڌجي. واپارين جي هڪ ايسوسي ايشن به پنهنجي هڪ جلسي ۾ آئن اسٽائن کي دعوت ڏني ته هو به انهيءَ باري ۾ ٻڌائي. هاڻي ڇا واپاري ۽ ڇا Theory of Relativity؟ پر عظيم ماڻهن جي عظمت انهيءَ ۾ آهي ته هو پنهنجي سطح تي ڳالهه ڪرڻ بدران ٻڌندڙ جي سطح تي ڳالهه ڪري. سو آئنسٽائن به هنن کي ٻڌايو ته:

“دنيا جي هر شيءِ نسبتي (Relative) ٿئي ٿي. انهي ڪري وقت به نسبتي ٿئي ٿو، جيڪو مقرر (Constant) ٿيڻ بدران ڦري گهري ٿو. انهيءَ جو اندازو توهان انهي مان لڳائي سگهو ٿا ته جيڪڏهن اوهان جو محبوب توهان جي سامهون ويٺو هجي ۽ هن سان روح رهاڻ ٿيندي هجي ته ڪلاڪن جا ڪلاڪ گذري ويندا پر ايئن محسوس ٿيندو ته ڄڻ رڳو سيڪنڊ گذريا آهن. پر جيڪڏهن ڪنهن جي آڱر باهه ۾ هجي ته هڪ سيڪنڊ ايئن لڳندو ته سال گذري ويا هجن. معنيٰ فرحت وارو وقت جلدي گذري وڃي ٿو ۽ تڪليف وارو وقت ڏکيو ۽ گهڻي وقت تائين هلي ٿو. معنيٰ ته وقت هڪ ڪرو ناهي بلڪه نسبتي آهي ۽ ان جي گذرڻ جو وقفو انسان جي ڪيفيت تي مدار رکي ٿو. اها منهنجي Theory of  Relativity آهي.”.

سال 2011ع واري برساتي ٻوڏ سنڌ جو کاٻو پاسو ٻوڙي ڇڏيو وري انهي کان پوءِ واري سال سنڌ جو ساڄو پاسو ٻوڙي ڇڏيو. انسان ۽ جانور دربدر ٿيا. غريبن جو روزگار ۽ گذر سفرته ويو پر ايندڙ ربيع جو به آسرو گهٽ هجي ٿو. ڳوٺن ۽ شهرن ۽ ٻنين ۾ بيٺل پاڻي نڪرڻ جو ڪو سبب نظر نٿو اچي. مان وري سال 2011ع ۾ ٻڏل ايراضين جا تفصيل ضلعي وار ڏيان ٿهو.

ضلعو ايراضي اسڪوائر ڪلوميٽرن ۾

شهيد بينظير آباد 1209

سانگهڙ 5966

ميرپور خاص 2621

بدين 3887

عمرڪوٽ 1547

ٽنڊو محمد خان 302

اسان کي هيٺيان سبق مليا:

  1. نڪاسي وارو نظام ٺاهيو، جتي ٺهيل آهي انهيءَ کي صحيح حالت ۾ رکو.
  2. پاڻي ڪڍڻ بابت فيصلو ڪيو ته اها ڪهڙي کاتي جي جوابداري آهي.
  3. پاڻي ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ رنڊڪون وجهندڙ زميندارن کي ٻڌڻ جو اختيار هجڻ کپي.
  4. نڪاسي وارن ادارن کي مضبوط ڪيو.

بند ٿيل دڳن کي کوليو. انهيءَ بابت قانونسازي آهي پر عمل ڪونهي. اسان جي حالت اها آهي ته جڏهن ڪا آفت اچي ٿي ته انهيءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ پروگرام ٺاهيون ٿا پر جنهن سال اها آفت نٿي اچي ته انهي کي وساري ٿا ويهون. نتيجي ۾ جڏهن اها آفت ٻيهر اچي ٿي ته نقصان اوترائي يا وڌيڪ ٿين ٿا.

حيدرآباد شهر جو برساتي ٻوڏ ڪري ٻڏڻ:

حيدراباد شهر ۾ ساليانو برسات جو انگ 7 انچ آهي. پر سال 2006ع ۾ 7 ۽ 8 سيپٽمبر 15 ڪلاڪ ساندهه مينهن پيو، جنهن جو تعداد 6.7 انچ رهيو. انهي مينهن حيدرآباد ۾ وڏي تباهي آندي، جنهن ڪري روڊ رستا ٻڏي ويا. ماڻهو پنهنجن گهرن ۾ قيد ٿي ويا. لطيف آباد ۾ 6 کان 12 فوٽ پاڻي بيهي رهيو. قاسم آباد جا سڀ ڳوٺ ٻڏي ويا. زيل پاڪ ڀرسان واپڊا ڪالوني ۾ 4 فوٽ بيهي رهيو. ٿڌي سڙڪ تي ايترو پاڻي بيٺو جو ٽريفڪ بند ٿي وئي. ٻڏل علائقن مان مريضن کي ٻين علائقن ۾ نيو ويو. راڻي باغ، چڙيا گهر جي جانورن کي ڪراچي چڙيا گهر وٺي وڃڻو پيو.

سکيل سبق:

سال 2006ع واري طوفاني برساتن حيدرآباد شهر ٻوڙيو. انهن مان هيٺيان سبق سکياسين:

1.پهريون نڪاسي وارو نظام ٺاهيو ۽ ان کي صحيح حالت ۾ رکو.

  1. 2006ع واري برساتي ٻوڏ کانپوءِ سسٽم کي ٺيڪ ڪيو. پاڻي جا دڳ کولڻ لاءِ قانون ٺاهيو ويو پر انهيءَ تي عمل نه ٿيو.

هن سال وارين برساتن جو احوال:

هن سال ايتريون برساتون پيون، جيڪي اڳي ڪڏهن به نه پيون. وري اهي سڄي سنڌ ۾ پيون، جنهن ڪري ڳوٺاڻا اجڙي ويا. منڇر ۽ ٻين علائقن جو برو حال آهي. خاص طرح نئين گاج جي پاڻي گهڻي ٻوڙان ٻوڙ ڪئي. ٻوڏ ستايل ماڻهن کي پاڻي پيئڻ ۽ کاڌ خوراڪ جو مسئلو آهي، جنهن لاءِ ڪيترا ادارا مدد ڪن ٿا پيا. پر اڃا صورتحال خراب آهي.

ڇا اسان ٻي برسات جي اميد ڪري سگهون ٿا؟

هن سال جيڪا تباهي ٿي آهي. انهيءَ بابت اسان سوچي به نٿا سگهون. پر گذريل برساتن مان سکيل سبقن تي عمل ڪري سگهون ٿا. ڇا اسان هن سال برساتي ٻوڏ اچڻ جي اڳڪٿي ڪري سگهون ٿا؟ هرگز نه. پوءِ اسان ڇا ڪيون؟ اسان کي اهو ڪرڻو آهي ته گذريل برساتي ٻوڏن مان جيڪي سبق سکيا آهيون، انهن تي عمل ڪريون. پر ڇا انهن تي عمل ڪرڻ ممڪن آهي؟ انهيءَ لاءِ پئسا کپن. جيڪڏهن اسان وٽ پئسا ڪونهن تي ٻين مالياتي ادارن کان قرض وٺي سگهون. اهي آهن ورلڊ بئنڪ ۽ ايشيائي ترقياتي بئنڪ. معنيٰ اسان کي ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ هيٺيان اپاءَ وٺڻ کپن:

  1. جيڪي سبق پرايا آهن، انهن تي عمل ڪيون.
  2. عالمي ادارن کان پئسا قرض تي وٺون.

جيڪڏهن ايئن ڪيوسين ته اسان پنهنجي مقصد ۾ ڪامياب ٿينداسون.

تتي ٿڌي ڪاهه، ڪانهي ويل ويهڻ جي

متان ٿئي اونداهه، پير نه لهين پنهون جو.

_شاهه لطيف