سور پٽيندي

صديون گذري ويون!

بدقسمتيءَ سان اڃا آگسٽ مھيني ۾ وسندڙ برساتن جي وسڪارن ماٺ ئي مس ڪئي ته مٿانھن درياهه بادشاھ جي دھشت به ديس جي جھريل ماڻھن جي دردن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آھي. سوچجي ته محفوظ بندن تي ترسيل ديس جا غريب ماڻھو منھن ڏين ته آخر ڪھڙين آفتن کي ڏين؟ قدرتي آفتون اھا ته ڳالھ سمجھ ۾ اچي ٿي پر ٻين ملڪ کان ملندڙ امداد جي آسري ويٺل حڪومتي ادارا ۽ سرنديءَ وارن کان ھٽي ھتي ته ھاڻي عام ماڻھو به ھڪ ٻئي جو خيال رکڻ ڇڏي ڏنو آھي، برساتي آفتن جو درد ته بدين ۽ گولاڙچي جي انھن مجبور بي سھارا ۽ محفوظ بندن تي ويٺل بي پھچ ماڻھن کان پڇو جن جا ستل ٻار گاڏيون اچيو لتاڙي ڇڏين ٿيون! حڪومتي بيحسي نئين ڳالھ ناھي پر ھت تي سرندي وارن جا ھٿ به اڪثر صرف وٺڻ وار ھجن ٿا باقي ڏيڻ وارا ھٿ محدود حد تائين ٿورڙا رھجي ويا آھن، جنھن ڪري ايندڙ طوفان، سوڪھڙن يا وڏين ٻوڏن دورا سنڌ ۾ غريب متاثر طبقو ھر ڀيري لاوارث بڻجي وڃي ٿو. پاڪستان ۾ جيڪي به چوماسي جون برساتون وسن ٿيون تڏھن ٻين ملڪ سان گڏ پاڪستان 145 نمبر تي ٻڌايو وڃي ٿو، ھاڻ 145 ملڪَ جن مان پاڪستان آخري نمبر تي ان ڪري به آھي جو ٻين ملڪن ۾ اسان کان به وڌيڪ برساتون پون ٿيون پر ان ھوندي به ماھرن موجب اھي ملڪ جن ۾ ڪيتريون به وڌيڪ برساتون ڇو نه پون پر اتي جي عام زندگي متاثر ناھي ٿيندي. ڏسو جڏھن بَرساتون پونديون آھن تڏھن بئراجن جو پاڻي بند ڪيو ويندو آھي پر ھاڻ برساتن جي بيهڻ کي به ڪافي ڏينھن ٿي چڪا آھن پر بئراجن کي پاڻي ھاڻي شايد ڏنو پيو وڃي جيڪو برسات جي بيهڻ بعد جلد مھيا ڪرڻ کپندو ھو، بھرحال سنڌ جي حالت وري به گھڻي خراب آهي، روز جي بنياد تي سوشل ميڊيا تي ڪيتريون اَکيون آليون ڏسي سگھجن ٿيون، معصوم ٻارڙا، نوجوان نياڻيون به نه رڳو خوراڪ جي کوٽ جو شڪار ٿين ٿيون پر ھن صورتحال ۾ اھي سڀ ذھني طور تي به متاثر ٿي وڃن ٿا، جنھن ڪري حڪومت پاران وڌ کان وڌ انھن غريب ماڻھن طرف ڌيان ڏئي سندن مدد لاءِ مڪمل ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ان سان گڏ اسان جھڙن عام انسانن کي به گھرجي ته تڪليفون عارضي ھونديون آھن، رات مان وري صبح به ٿيڻو آھي، اچو ته پنھنجي وس آھر لاچار ماڻھن جي واھر ڪريون، ايئن اسان پنھنجن وطن جي خدمت ڪري مختلف پيش ايندڙ چئلينجز کي منھن ڏيندي پوءِ ئي بھتر سماج جوڙي وڌيڪ ترقيءَ جي رستن جو سفر طئي ڪري سگھنداسين پر سڀ کان پهريان سنڌ جي متاثر غريب ماڻھن لاءِ سولايون پيدا ڪرڻيون پونديون جنھن کان پوءِ اسان پنھنجي ڪاميابي کي مڪمل ڪري سگھنداسين، جيستائين ايئن نه ٿيندو تيستائين اسين ڪامياب نه ٿينداسين.

شمائلا رند/ٽنڊو محمد خان

اڏيندي اوڏن

لڏڻ جي ڪانه ڪئي!

جولاءِ جي شروع ۽ آگسٽ جي آخري هفتي تائين هلندڙ برساتن جي بربادي 30 سالن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آ، سنڌ جا ساوا فصل ٻوڙي شاخن ۽ واهن جا ڪپر روڊن رستن جا ڪنارا اکيڙي هيلوڪين برسات نه رڳو ڪچا گهر ڪيرايا آهن پر پڪا گهر به پاڻي هيٺ آڻي لکين ماڻھن کي اجهن کي محروم ڪري ڇڏيو آ پر پاڻي جو پلٽون ۽ پاتارون دٻدٻو ۽ دهشت اڃا به جاري آ. سنڌ جا اڪثر اسڪول، اسپتالون ۽ آفيسون پاڻي کان آجا ناهن ٿي سگهيا، لکين چوپايو مال مري ويو، باقي بچيل بکن سبب بيحال آهي ڇو ته چارو به ناهي. انيڪ ماڻھو اجهن کان محروم ٿي شاخن، واهن ۽ روڊن رستن جي ڪنارن تي کليل آسمان هيٺ واهر لاءِ واجهائي ۽ ٻن ويلن جي ماني لاءِ ٻاڪاري رهيا آهن. الائي ته ڪيترا خاندان ويلا ٽاري ويٺل آهن، الائي ته ڪيترا خاندن روز جيجلن جي جهولي ۾ بک ۽ بيوسي جي لولي تي ننڊاکڙا نيڻ کڻي نيرانا ئي سڏڪي سڏڪي سمهي پون ٿا، صبح جو ڪنهن سرڪاري صاحب حثيت جو موڪليل پاءُ برياني جو ڪنهن بکئي بدن جي باهه وسائي ٿو ته واهه نه ته انيڪ انسان تار پاڻي ۾ توڪل جي ترهي تي تري رهيا آهن. هيلوڪين برساتن جي بربادين نه رڳو مسڪينن جي اهنجن ۾ اضافو ڪيو آ پر اهي ماڻھو جن جي اوطاقن تي روز انيڪ مهمان  ايندا هئا ۽ اهي محبتن ۽ ميزباني ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏيندا هئا، اهي به بي گهر بڻيل آهن، اڄ اهي ڳڀي جي ڳولا لاءِ پريشان آهن، اجهن سان گڏ اهي اوطاقون به اجڙي ويون، جتي اوطاقن جي اڱڻ ۾ ڪالو، قمبر ۽ ڪيهر ڪانڀون ڪڍي لطيف جي سر مارئي جي ملير جي ماروئڙن جو ذڪر کان وٺي مومل جي مجاز ۽ تارن جي تبرن تي ڳالهائيندا هئا. اڄ اهي ڪچهريون خاموش ۽ انهن جا ڪوڏيا اذيت ۽ امتحان مان گذري رهيا آهن، اڄ سموري سنڌ ڏکن جو ڏيک ڏئي رهي هئي، اڄ سنڌ جا ماروئڙا ڏکيائين کي منهن ڏئي رهيا آهن. اڄ سانوڻ فقير جي بيت تي گڏجي آلاپ ڏيندڙ عوسو آديڻو ۽ اڀرام ٽاري ٽاري ٿي ٽٽي ويا آهن، ڀوڳن ۽ چرچن سان دليون وندرائڻ دوسو ۽ دلو وٽ ڪو دلاسو به ناهي بچيو جو هو پنهنجن پيٽ بکايل پٽڙن کي ڏئي سگهن، هنن ڏکين حالتن سان مهاڏو اٽڪائيندي الائي ته ڪيترو وقت لڳندو؟ الائي ته ڪڏهن اسان جا اجها اوطاقون آباد ٿيندا پر سٻاجهڙا سنڌيو اميدن تي دنيا قائم آهي، ڪڏهن نااميد نه ٿجو، دنيا جو ازلي دستور آهي ته جيڪي شيون ٺهنديون آهن اهي ڪڏهن ڪڏهن ڊهنديون به آهن.

اڏيندي اوڏن لڏڻ جي ڪانه ڪئي،

پر لاکھو مٿان تن، آيو اوچتو.

ميهر ميهراڻ چانڊيو/ڪڍڻ

برساتي پاڻي کان بچل سارين کي مرضن ماري وڌو!

لاڙ جھڙوڪ بدين، سجاول، گولاڙچي، ڪڍڻ، سيراڻي، ڪڙيوگھنور ۽ ھيٺئين علائقن کي وقتائتو پاڻي نه ملڻ سبب سارين جو فصل پاڇاٽو آھي، گھڻو ته برسات جي پاڻي سبب ٻڏي سڙي تباھ ٿي ويو پر جيڪو آھي تنھن کي بيمارين ۽ جيتن گھيري ورتو آھي، جتي پاڻي آڳاٽو ھو اھي زمينون ڪجھ آڳاٽيون ويھرجي ويون، تن کي گھم واري موسم ۽ جھڙ جي گھڻو ھجڻ سبب فنگس جي بيماريءَ جڪڙي ورتو آھي، گڏ ھڪ نقصانڪار جيت رائس ھاپر جي تعداد ۾ پڻ واڌارو ٿيو آھي، جنھن سبب سارين کي پلال بڻائي ڇڏيو آھي، جڏھن ته اسان جا آبادگار، زميندار ۽ ھاري ان جيت کان گھٽ واقفيت رکندي مھلي جا اسپري ڪرائي رھيا آھن پر سائنسي طور تي مھلي ۽ ھاپر جي ٽيڪزاناميڪل ڪلاسيفڪيشن ۽ موڊ آف ايڪشن ۾ ڏينھن رات جو فرق آھي تنھنڪري ھي مضمون آبادگارن جي گھڻي مدد ڪندو. رائيس ھاپر سارين جي فصل ۾ لڳڻ شرط سارين جي پنن جو رنگ پيلو ان کان پوءِ سڪائي ڇڏي ٿو سائنسي طور اھڙي سڪل فصل کي (Hoper Burn) چيو وڃي ٿو رائيس ھاپر مختلف بيماريون جھڙو (Rice ragged sunt, Rice grassy sunt) فصل ۾ پڻ منتقل ڪري ٿو فيميل رائس ھاپر 300 کان 350 بيضا ڏي ٿي سندس لائف سائيڪل 18 کان 24 ڏينھن ۾ پورو ٿئي ٿي فصل ۾ برسات جو پاڻي گھڻو وقت بيھڻ ۽ نيڪال نه ٿيڻ سن گڏ گھم واري موسم، ويھر جو گھاٽو ھجڻ، وڌيڪ نائٽروجن جو استعمال ٿيڻ جھڙا اھم سبب رائيس ھاپر جي پاپوليشن وڌائڻ لاءِ ڪارساز آھن رائيس ھاپر جي تڪڙي ڪنٽرول نه ٿيڻ سبب اوھان جو فصل اوھان کي پيدارار نه ڏيندو، ان کان بچاءَ لاءِ مختلف شھرن جي ويجھي زرعي نمائندن سان رابطو ڪريو فصل مان گند گاھ ڪڍرايو، وڌيڪ زھر استعمال ڪري ٻئي فائديمند جيوت جو نقصان نه ڪريو ڇو ته ماحول ۾ ڪافي جيت انسان دوست ھجن ٿا سٺي ويرائٽي استعمال ڪريو جنھن ۾ قوت مداخلت ڪرڻ جي سگھ ھجي. اھڙي ريت ماحولياتي آلودگي ۽ بيمارين کان پڻ بچاءُ ڪري سگھجي ٿو.

محمد اسحاق سوڍر/ ڊپارٽمينٽ آف اينٽامولاجي، زرعي يونيورسٽي ٽنڊوڄام

اسلام ۽ ٻه قومي نظريو!

عام طور رياستي سطح تي ٻه قومي نظرئي جو پرچار ڪندي مسلم قوميت ۽ اسلامي نظام جي ڳالھ ڪري اھو تاثر ڏنو ويندو آھي ته ٻه قومي نظريو مڪمل طور اسلامي آھي، اسلام جي عين اصولن موجب آھي، ھر اھو ماڻھو جيڪو ٻه قومي نظرئي جي مخالفت ڪري ٿو، اھو غير اسلامي ۽ غير شرعي ڪم پيو ڪري، ڇا واقعي به ايئن آھي؟ ڇا اسلام ۽ ٻه قومي نظرئي جو پاڻ ۾ ڪو تعلق به آھي يا نه؟ جي آھي ته ڪھڙو ۽ ڪيئن؟ جي ناھي ته پوءِ رياستي سطح تي “ٻه قومي نظريو، اسلام جي پيداوار آھي” جو راڳ آلاپيندڙ پٺيان مقصد ڇا آھي؟ پھرين ڳالھ ته اسلام مذھب آھي، جنھن جو انسان جي داخلي، ذاتي ۽ رُوحاني معاملن سان تعلق آھي، جڏھن ته ٻه قومي نظريو سياسي ضرورت جي پيداورا آهي، جنھن جو مذھب سان سڌو تعلق ته ناھي پر انھن ٻنھي جو پاڻ ۾ تعلق جوڙيو ضرور ويو آھي. ٻه قومي نظريو ھڪڙي مخصوص دور جي پيداوار آھي، جنھن کي مسلمانن جي مٿئين طبقي پنھنجي خاص طبقاتي مفادن لاءِ ھٿي وٺرائي، جن مولوين کي ھتي جي عوام ۽ مظلوم قومن کي ذھني طور  غلام بڻائڻ لاءِ ھن رياست پنھنجو ڀاڱي ڀائيوار بڻايو، انھن ۽ اشتياق حسين قريشي جھڙن تاريخدانن کان ھن ملڪ جي ڪوڙي تاريخ لکرائي، ڪوڙي پروپئگنڊا ڪئي  وئي ته پاڪستان، اسلام ۽ ٻه قومي نظرئي جي بنياد تي ٺھيو ھو. جڏھن ته حقيقت اھا آھي  ته نه  اسلام ۽ ٻه قومي نظرئي جو ھڪ ٻئي سان ڪو تعلق آھي، نه وري پاڪستان ٻه قومي نظرئي جي بنياد تي ٺھيو ھو. ھا پاڪستان جن سببن جي ڪري ٺھيو، ان ۾ اھم سبب “ھندو-مسلم  تضاد” ضرور ھيا پر ھندن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ اھا  جنگ مذھبي نه ھئي پر معاشي ۽ معاشرتي ھئي. سائين محمد ابراھيم جوئي پنھنجي ڪتاب “Save Sindh, save  the continent” ۾ لکيو آھي ته ھندو، مسلمانن کي ان ڪري نٿو ڦري ڇاڪاڻ ته ھو ھندو آھي پر ان ڪري ٿو ڦري ڇاڪاڻ ته هو واپاري ۽ سرمائيدار آھي. پاڪستاني رياست ڪوڙي تاريخ لکرائي، مغالطا پيدا ڪري، حقيقيتن کي گم ڪري ڇڏيو آھي. ضرورت ان ڳالھ جي آھي ته عوام اڳيان سموريون حقيقتون سامھون اچن، تڏھن ئي عام ماڻھو حقيقت ۾ تاريخي شعور سان روشناس ٿي، پنھنجي نجات جو رستو ڳولي سگھي ٿو.

عذير عابد/ڪراچي

ٻه ڀيرا پ پ پ کي شڪست ڏيندڙ معظم عباسي استعيفا ڇو ڏني؟

لاڙڪاڻو جيڪو پ پ پ جو ڳڙهه سمجهو ويندو هو، اتي پيپلزپارٽي کي گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس جي اڳواڻ معظم علي عباسي ٻه ڀيرا شڪست ڏني، جنهن کان پوءِ پ پ پ جي سموري قيادت جون وايون بتال ٿي ويون ته اسان جي لاڳيتي 15 سالن کان سنڌ ۾ صوبائي حڪومت آهي اسان جي سمورن ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز سميت وزيرن سينيٽرن وڏيرن ڀوتارن ڏينهن رات هڪ ڪري لاڙڪاڻو شهر جي سيٽ پي ايس 11 لاءِ پتوڙيندا رهياسين پر پوءِ به لاڙڪاڻو شهر جي تڪ پي ايس 11 تي معظم علي عباسي ڪاميابي ماڻي ويو. آخر ڪهڙا ڪارڻ هئا جو پيپلزپارٽي کي پنهنجي ئي پارٽي جي ڳڙهه ۾ بري طرح شڪست نصيب ٿي؟ پ پ پ مرڪزي، صوبائي توڙي مقامي قيادت هميشه لاڙڪاڻي جي عوام کي پنهنجو غلام تصور ڪيو آهي. نادر شاهي حڪمن ڪري لاڙڪاڻي جي عوام پ پ پ کي رد ڪري معظم عباسي کي ڪامياب ڪري ڏيکاريو. هاڻ جڏهن معظم عباسي پنهنجي سنڌ اسيمبلي جي ميمبرشپ تان استعيفا ڏئي اهو چيو ته جڏهن سنڌ ۾ برسات ۽ ٻوڏ متاثرين جي واهر ڪرڻ لاءِ اسيمبلي ميمبرن جي ڪٿي ڪو ٻڌي نٿو ۽ انتظاميا ڪامورا پارٽي جي وڏيرن جي حڪم تي لڳا پيا آهن، ڪرپشن جي حد ڪئي وئي آهي ۽ سنڌ سموري ٺيڪيدارن حوالي ڪئي وئي آهي ته پوءِ اهڙي ماحول ۾ مان احتجاجن پ پ پ جي اقربا پروري، ڦرمار ڪرپشن ۽ من پسند ماڻهن کي نوازڻ باقي لاڙڪاڻي جي عوام کي نظرانداز ڪرڻ تي استعيفا ڏيان ٿو. سنڌ جو عوام سمجهي سگهي ٿو ته جڏهن ننڍن ننڍن عهدن تي ويڙهاند ڪندڙ ۽ ڇتا ٿيندڙ ماڻهو خصيص ۽ ننڍن ذاتي مفادن لاءِ يس سر ۽ اوڪي سر جي زبان ڳالهائيندي ٿڪبا ناهن، اهڙي ماحول ۾ سنڌ اسيمبليءَ جي سيٽ تان استعيفيٰ ڏيڻ ڪو ڀوڳ ناهي. جيڪڏهن سنڌ جي عوام لاءِ ايئن ئي ٻيا به قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر پاڻ ملهائين ته جيڪر سنڌ واڳن جي وات مان نڪري سگهي ٿي. معظم عباسي جا اهي لفظ ته جڏهن اليڪشن ٿئي ٿي ته سڀ پيپلا ننڍا وڏا گڏ ٿي لاڙڪاڻي تي ڪاهي پون ٿا پر هن ڏکئي وقت ۾ غائب آهن، اليڪشن ٿيندي گهٽ ۾ گهٽ اهي ظاهر ته ٿيندا ۽ ڪجهه نه ڪجهه عوام کي روڊ رستا ٻيو ڪجهه ڪري انهن ڏينهن ۾ ئي ويندا ان لاءِ وري اهي ننڍي چونڊ يا جنرل اليڪشن ۾ ايندا. باقي مان اڳ ۾ به لاڙڪاڻي واسين سان گڏ هئس ۽ هاڻي به گڏ آهيان.

اي اي عباسي/لاڙڪاڻو

ملڪ ۾ آيل سيلابي تباهي ۽ سنڌ ۾ حفاظت جا اڻپورا انتظام!

سنڌ ۾ سخت برساتن سبب دريائي وهڪرن ۾ غير معمولي چاڙهه سبب ٻوڏ واري صورتحال آهي، سيوھڻ، خيرپورناٿن شاھ ۽ ٻين ڳوٺن ۾ سئو کان وڌيڪ ماڻهو سيلاب سبب پنهنجون زندگيون وڃائي ويٺا آهن ۽ لکين ايڪڙ فصل تباهه ٿي ويا آهن، هزارين گهر ڊهي پٽ ٿي ويا آهن ۽ ماڻهن جي مال، ملڪيت، ڪاروبار جي تباهي جو ڪاٿو اڃا تائين ناهي لڳايو ويو ڇاڪاڻ جو ٻوڏ ۽ برسات جي تباهيءَ جو اهو سلسلو اڃا جاري آهي، سنڌوءَ ۾ ڪيترن ئي سالن بعد ايڏي مقدار ۾ پاڻي اچڻ سبب آبپاشي کاتي جا پول پڌرا ٿي ويا آهن، ان کاتي جي نوڪرين بدلين ٺيڪن کوٽائي واٽر پڪا ڪرڻ ۽ ٻين معاملن ۾ ڪرپشن عروج تي پهتل آهي، بندن کي محفوظ ڪرڻ لاءِ ڪروڙن جا ٺيڪا ڪاغذن ئي ڪاغذن ۾ پورا ٿيندي اسان اکين سان ڏٺا آهن. آبپاشي کاتي جي ٺيڪيداريءَ کي ان لاءِ سولو ۽ تمام گهڻي پئسي ڪمائڻ وارو ڌنڌو تصور ڪيو ويندو آهي جو ان جو ثبوت ئي نه بچندو آهي ته ڪم ٿيو هو يا نه ۽ جي ٿيو هو ته ڪيترو ٿيو پر ان سڄي ڪرپشن جو نقصان سوين هزارين نه پر لکين ۽ ڪروڙين ماڻهن کي ٿيندو آهي، ڳوٺن جا ڳوٺ تباهه ٿي ويندا آهن، سوين ماڻهو چوپايو مال فصل ملڪيتون تباهه ۽ برباد ٿي وينديون آهن، سڄو نظام تباهه و برباد ٿي ويندو آهي، اهو سڀ ڪجهه نه ٿئي جيڪڏهن ڪرپشن نه هجي ۽ بندن جي حفاظت ۽ مضبوطي لاءِ مليل پئسو صحيح ۽ جائز استعمال ٿئي، سمجهه ۾ نٿو اچي ته سنڌو درياهه ۾ گذريل سالن ۽ مهينن ۾ پاڻي جي گهٽ هجڻ باوجود واهن کي لڳل گهارن جون تباهيون هن ڀيري پاڻي جي وڏي مقدار ۽ سيلاب سبب صورتحال کي ڪٿي وڃي بيهارينديون.

انجنيئر وسيم چنا/سيوهڻ

سيڪريٽري تعليم ڏانهن عرض!

سيوهڻ تعلقي جا آءِ بي اي پاس اميدوار ٻوڏ ۽ بيروزگاري سبب سخت پريشان آھن جڏھن ته ٻئي فيز جي اسڪروٽني کي به لڳ ڀڳ ٻه مهينا گذرڻ جي باوجود به هن وقت تائين رڪمنڊيڊ لسٽ ظاهر نه ڪئي وئي آهي ۽ نه ئي وري مڪمل سيٽون ظاهر ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته ڪيترائي اميدوار ٻئي فيز  ۾ پاس ٿيڻ کان پوءِ پي ايس ٽي کان جي اي ايس ٽي ٿي ويا، اهي سيٽون خالي ٿيون، پروموشن واريون سيٽون خالي ٿيون، استادن جي رٽائرمينٽ واريون سيٽون خالي ٿيون پر ظاهر نه ڪيو ويون آھن ۽ پڻ ڪيتريون ئي مڪس جون سيٽون به ميل مان ڪڍيون ويو آهن، اهي سيٽون غائب آهن جيڪا سراسر ناانصافي آهي، ڪامياب اُميدوارن جو مطالبو مرد مجاهد سائين اڪبر علي لغاري صاحب کي ته سائين جن پاڻ مرادو نوٽيس وٺي رولڙي ۾ پيل سيٽون ظاهر ڪري آفر آرڊر ڏئي سيوهڻ تعلقي جا ٻوڏ سٽيل اميدوارن مان بيچيني ختم ڪرائي.

بابر هاليپوٽو/سيوهڻ شريف

ڀٽ جا ڀٽائي ڀٽ تي وسئي نور

اڄ سنڌ جي سڀني رستن ۽ روڊ تي هلندڙ گاڏين، ڪارن، جيپن، ڪوچن، ڪوسٽرن ۽ موٽر سائيڪلن جو منهن ڀٽ شاهه طرف روان دوان آهي، هر ننڍي وڏي شخص عورت توڙي مرد ۽ ٻارن جي اها ڪوشش آهي ته هو جلد کان جلد ڀٽ شاهه پهچي ان عظيم مرتبي واري هستي جي در تي حاضري ڏين جنهن اڄ کان 77 سال اڳ انسانن لاءِ ميٺ محبت ۽ اخوت ڀائيچاري جو درس ڏنو هو، جنهن اهو واضح طور تي چيو هو ته اوهان منهنجي ڪلام کي بيت سمجهو ٿا اهي بيت نه پر قرآني آيتون آهن.

جي تو بيت ڀائنيا، سي آيتون آهين،

نيو من لائين، پريان سندي پار ڏي.

حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي 1889ع مطابق 1102 ھجري ۾ هالا تعلقي جي ڳوٺ هالا حويلي ۾ پيدا ٿيا، شاهه سائين جي شاعري جو موضوع انسانيت سان محبت جو درس سمايل آهي، هن جي سوچ علاقائي نه پر آفاقي رهي آهي هو هڪ طرف دعا ڪري ٿو ته:

سائينم سدائين، ڪرين مٿي سنڌ سڪار،

دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين.

لطيف سائين ماڻهن جي رهبري لاءِ سنڌ جي قصن، ڪهاڻهين، کي موضوع بڻايو هو، ڪڏهن سسئي جا پنهون کان جدائي جا سور ڳايائين ته ڪٿي مارئي جي ملڪ ملير جا گيت ڳايائين .

جيها جي تيھا، مون مارو مڃيا،

مون جيڏيون ملير ۾، چونڊن موڪ ميھا،

منھنجي آھ اھا، ڪڏھن ڪيرائيندي ڪوٽ کي.

ڪٿي وري لطيف سرڪار مومل سان راڻي جي بيوفائيءَ کي به پنهنجي ڪلام ۾ شامل ڪيو آهي:

اچو سورن واريون، ڪريو سور پچار،
ڪنهين گهڻا ڪنهين ٿورا، ڪانهي سورن ڌار

ڏنا جي ڏاتار مون، جهولي پائي جهليا.

ته ڪڏهن هو مورڙو مانگر مڇ جو ذڪر ڪري ٿو، مانگر مڇ مورڙو مهاڻي جي 6 ڀائرن کي ڳڙڪائي ويو هو، 6 ڀائرن جون قبرون ماري پور روڊ تي موجود آهن، آخر مورڙو مانگر مڇ کي ماري ڀائرن جو انتقام وٺي ٿو، شاهه لطيف جو آفاقي ڪلام صديون گذرڻ باوجود ٻڌندڙ کي نئون محسوس ٿئي ٿو، لطيف سائين جي ڪلام ۾ ٻڌندڙ کي پنهنجو عڪس نظر اچي ٿو. شاهه لطيف جي ڪلام ۾ ڪٿي به ڪنهن سان نفرت جو وجود ئي ناهي، سندس ڪلام ۾ محبت ۽ اخوت ڀريل آهي، سندس درگاهه ڀٽ شاهه تي هر خميس جي شام محفل ٿئي ٿي، جتي لطيف سائين جا راڳي راڳ ڳائين ٿا، هر سال 14، 15 ۽ 16 صفر تي شاندار ميلو لڳي ٿو، جنهن ۾ ملاکڙو ته ٽي ڏينهن لڳي ٿو پر ميلو 15، 20 ڏينهن لڳل رهي ٿو جنهن ۾ سڄي ملڪ مان لکين لطيف سائين سان محبت ڪندڙن ماڻهو اچي سلامي ڀريندا آهن، اهو مقام لطيف سائين کي ڌڻي تعاليٰ جي عبادت ۽ رياضت سان مليو، جنهن جو پاڻ هن طرح ذڪر ڪيو اٿن.

ساري رات سبحان جاڳي جن ياد ڪيو،

ان جي عبداللطيف چئي مٽيءَ لڌو مان،

ڪوڙين ڪن سلام، اچيو آڳهه ان جي.

شير محمد ملڪاڻي/ميرپورخاص